سنڌي شاعري تي خوش آمديد


Sindhi Shayari Collection 1

توکي سارڻ ثواب سمجهيم


تو کي سارڻ ثواب سمجهيم
تو کي وسارڻ گناه سمجهيم
باغ ۾ ته ڪئي گلڙا مئا پر تو کي 
گلن ۾ گلاب سمجهيم
روح وارا ٻيا پر تو کي پنهنجو
ساه سمجهيم

زمانه اسان هاڻي خاموش آهيون


ويو وقت گذريو، وئي ياد وسري
زمانه اسان هاڻي خاموش آهيون


اسان جو آشيانو هي آڪاش سارو
نه آباد آهيون نه برباد آهيون

جي بيدرد ماڻهن وساريو ته ڇا ٿي پيو
اي زمانا اسين اڳي ئي گمنام آهيون

چنري پائي گهونگٽ واري

چنري پائي گهونگٽ واري
چنڊ چهرو ويڙهي تون
ڪيئن نمن هاٹي گوٽه ۾
چونئري پويان بيٽھي هئين
سوئي عڪس سنبهاري اکيون
تنهجي سهٹي تر جو قسم
.اڃان تائين ستيون ناهن

خُودي مٽايم ته، بيخوديءَ جو مزو اچي ويو


خُودي مٽايم ته، بيخوديءَ جو مزو اچي ويو
مرڻ کي ماريم ته، زندگيءَ جو مزو اچي ويو 
کِلي جو مدهوش جي اڳيان ، هِنَ کنيون نگاهون 
ڪُراڙپ ۾ وري يار، وَهيِ جو مزو اچي ويو
احمد خان مدهوش

خــــــــــوبصورت خطا ٿِي رهِي آ

دِيد هُـــن تان فدا ٿـــــــي رهِي آ
هُن الائي ڇا اکيـــــن مان پياريو
منهنجِي هَستي فنا ٿي رهــي آ
وَار هُن جا ڪُلهن سان هوا ۾
خوشبــــوئن جي سخا ٿِي رَهِي آ


ڳالھہ وفا جي ھجي ھا تہ
ھرگز نہ ھارایون ھا

پر ڳالھہ نصیب جي ھئي
انڪري ڪجھ نہ ڪري سگھیاسین


تنھنجي جدائي جو صدمو وڏو آ
دل جي زخمن جو ھاڻ ڀھرجڻ ڏکيو

آ صدمو جدائي جو ڪيئنء سھا
تو بن زندگي ايئن پئي جيا 


رات اسر جي ويل هئي جو، دلڙي توکي ساريو هو
يادن دل ۾ مــچ مـچايا، اکــڙيـن پاڻي هــاريـــو هـو

صبح سويري جڏهن ٿڌڙي هوا جا، جهونڪا آيا هئا
وقت تڏهن سو ياد پيو، جو توسان گڏ گذاريو هو


خواب منهنجا خوابن ۾ ئي رهجي ويا 
حسين چهرا نقابن ۾ رهجي ويا
ميخاني جو منظر اهڙو هيو

شوق منهنجا شبابن ۾ ئي رهجي ويا
سفر محبت جو انوکو هيو
عشق وارا راهن ۾ ئي رهجي ويا


انھي ۾ شڪ ڪونھي ڪو
ھُنن کي نڪ ڪونھي ڪو
سِڪليڌي سنڌ مُنھنجي آ
پڻي جو تڪ ڪونھي ڪو

تو عرب ڏٺا، ارغون ڏٺا
تو پنهنجا ٿيندي خون ڏٺا
تو وهشي مدد ملعون ڏٺا
تو مانجهي ڪيئن مدفون ڏٺا
تو گازي گوناگون ڏٺا
تو محبت جا مجنون ڏٺا
مان صدقي تنهنجي جيئڻ مٿان
اي سنڌ امان، اي سنڌ امان



ايتريون عاشقيون ڪيون آھن
ذهن تان ڪجھ لهي ويون آھن
تون جڏهن واٽ تي ملين آھين
مينهن جون بوندڙيون پيون آھن


عشق ڪهڙو اميرن جو 
جنهن جو پئسن سان پيار 
واهه محبت مسڪينن جي
جيڪي بسم الله چون بار بار
دولت وارن جي در تي بيهڻ آهي بيڪار
جي پل پل چاهين پيار ته 
گڏ گذارج غريبن سان



جيڪي سڄڻ تنهنجا
تنهن کي نه سمجهي يار
ياري رکين اُنهن سان
جيڪي پنهنجن کان ڪن ڌار
“اُهي سڄڻ ڪين ”عباس
جيڪي پنهنجا ٿي پٽين پاڙ


حياتي جا سڀئي پل اوهان سان گذارڻ ٿا چاهيون
چاهت جا سڀ رشتا اوهان سان نڀائڻ ٿا چاهيون 
هن زندگي جو رشتو ته اوهان سان آهي هميشه رهندو 
پر هر جنم جو ناتو اوهان سان رکڻ ٿا چاهيون


ھو منھنجي روح جي چادر ۾
ائـيـــن لـڪــــي ويـٺــــــو آ
جي روح نڪري تہ ھو نڪري
جي ھو نڪري تہ روح نڪري




جي گل نه ٿياسين ته ڪنڊا به نه ٿينداسين 
جي پيار نه مليو ته دهوکو به نه ڏينداسين 
حسن تي وس آڪنهنجو سهڻا سائين ؟ 
جي تُنهنجا نه ٿياسين ته ڪنهنجا به نه  ٿينداسين



ڏک اهــو نــه آهي تــه محبتون نه مـــــــــليون
پــر ڏک اهــــو آهي تـه
رشـــتن پـــنهنجــو مــان وڃــائي ڇـڏيو


ڇا ٿورو ڇُهڻ ڏيندين
مون لاءِ مقدس هن، هي پير چمڻ ڏيندين؟
مجبور اسين آهيون
توکي نہ ڏٺوسين ڄڻ، بي نور اسين آهيون





ڏئي دردَ دلبرَ جدا ٿي وڃن ٿا
رکي دوستي پوءِ خفا ٿي وڃن ٿا
زماني کي ڪهڙيون ميارون ڏجن 
هتي يار پنهنجا خفا ٿي وڃن ٿا
حَسينن کي حَسرت سان هر ڪو ڏسي ٿو 
گهڻا ئي عاشق چريا ٿي وڃن ٿا 
تڏهن هو هٿن ۾ تسبيح کڻن ٿا
جڏهن وار ڪارا اڇا ٿي وڃن ٿا




اُنهيءَ جي فلسفي جي ڳالهه تي ايمان ڪيئن آڻيان؟
نظر جنهن کي اچي ٿي، دوست! دنيا ئي سڄي دوکو
سمايل روح ناهي جيڪڏهن ’مدهوش‘ شعرن ۾
ته اهڙي قسم واري آ سموري شاعري دوکو


اداس مرڪون حسين چهرا
لگل جن تي شديد پهرا
جڏهن بہ شامون اداس ٿينديون
اوهان جون يادون ضرور اينديون