سنڌي شاعري تي خوش آمديد


چئو سٽو

1

خُودي مٽايم ته، بيخوديءَ جو مزو اچي ويو

مرڻ کي ماريم ته، زندگيءَ جو مزو اچي ويو

کِلي جو مدهوش جي اڳيان ، هِنَ کنيون نگاهون
ڪُراڙپ ۾ وري يار، وَهيِ جو مزو اچي ويو


احمد خان مدهوش

2

ڳالھہ وفا جي ھجي ھا تہ

ھرگز نہ هارايون ھا

پر ڳالھہ نصيب جي ھئي

انڪري ڪجھ نہ ڪري سگياسين

3

جڏهن ڀر مان اٿي ويندي آهين

تڏهن پاڻ کي مئل سمجهندو آهيان

۽

جڏهن ڀر ۾ هوندي آهين ته

لڳندو اٿم ڄڻ مان ڪڏهن به ڪونه مرندس

4

تنھنجي جدائي جو صدمو وڏو آ

دل جي زخمن جو ھاڻ ڀرجڻ ڏکيو

آ صدمو جدائي جو ڪيئنءَ سھا

تو بن زندگي ايئن پئي جيا 

5

مونکي وسارڻ کان پهرين 

اهي ضرور سوچ ڪجاءِ

ته تنهجا سڀ آهن 

پر منهنجو صرف تون آهين

6

اهي سال ايندا ۽ ويندا رهن ٿا
اسان کان اسان جا کسيندا رهن ٿا

شڪايت ڪريون يا ڪريون آجياڻا
ڏکن سان ڏکايل ڏنڀيندا رهن ٿا

بيڪس بلوچ




0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔