سنڌي شاعري تي خوش آمديد


سچل سرمست


،پچو نه منهنجي ذات جوئي آهيان سو ئي آهيان
اچڻ ٿيو اسان جو اتائين جاٿي ڏينهن نه رات
ظاهر آهي زبانون منهنجي الاقرب سندءِ ڪلمات
سچوسر سهي ڪر پنهنجو عشق منهجون عشقات


روئي ڏنو رنگ، ڪو جو ڪامِڻِ ڪوههَ کي
سو شمه شفق سان ٿيو، سرخيان سارو سنگ
منهنجو نيهن نسنگ، پيو سمورو سڪوتَ ۾

ملي مارڳ جي مرين، ٿئي قدر ڪيچيڙن
ٿورو وڏو تن، تنهنجي اڇڻ جو ٿئي

پيس تنهنجي پيچ، پنهون ڪين ڇڏيج مون
ٻانهي ڪري پانهنجي، وڃي ٻانڀڻ جان ڪري

لوهي لا غرضي، سپيريان جي سار
مارڻ لاءِ مشتاق جي، آهي محبن کي مرضي
سر ڏيڻ تنهن سٽ ۾، آهي فقيرن فرضي
ڪڏهن ڪو قرضي، “سچو” تنهنجي نانءَ جو

آهي ڪو نه غرضُ، محبوبن کي منهنجو
ڏيڻ سِرُ فرضُ، “سچو” سندن سٽ ۾

پورهيائت پنهونءَ جي، آهي اصل کون هِي
جيڏيون جتن ري، ويٺي ورهه وسائيان

جَتَ موچاري جاتِ، چڱي جات جتن جي
وائي تن جي وات، سدا اٿم سرتيون


عمر اجائي گذري، ڪارڻ مٺيءَ روءِ
خام منهنجي خوءِ، ڪرور ويچاريءَ جي

هوت نه ڇڏيو هت، نيو پورهيت پاڻ سان
توريءَ ٻي  ڪا چت، ڪانهي ڪميڻيءَ کي

اچج آرياڻي، تون وري شهر ڀنڀور ۾
آن ري ا کڙين مون، ٿو پرٽ وهي پاڻي
هوت اچي هاڻي، هيءَ نالائق نوزيو

روئي هاريان رت، ووءِ ووءِ واٽرين تي
جيڏيون ڪارڻ جت، سارو وندر ووڙيان



0 comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔