سنڌي شاعري تي خوش آمديد


سنڌي غزل

غزل


چنڊ ڏي مان اڏار کان محروم
پيار وارن جي بار کان محروم
منهنجي حصي ۾ فصل پاڇاٽا
گونچ ناهن ، بهار کان محروم
سنڌ جي ريت ۾ ڀي زرخيزي
پو به مارو سُڪار کان محروم
يادگيرن جا پل ۽ مرڪون سي
ڪيئن ٻڌايان ديار کان محروم
هوش ۽ مان حواس جو قائل
تو اڳيان ڇو معيار کان محروم
رات وڃ چهءُ وڃي ستارن کي
هاءِ ڪٽپر آ پيار کان محروم
****
اعجاز ڪٽپر

غزل

زندگيءَ ڀر، چُپ رهيس
اي ستمگر! چُپ رهيس
ٺوڪرون وک وک مليون
بڻجي پٿر، چُپ رهيس
آهي قاتل سوچ ۾
زيرِ خنجر، چُپ رهيس
هو بپا طوفان ڪو
منهنجي اندر، چُپ رهيس
“ڪنهن سڏيو هُن ڀر ”ملهار
آءُ هِن ڀر، چُپ رهيس

ملهار چانڊيو


غزل

سنڌي ٻولي قومي ٻولي
تنـهنـجي ٻـولـي منهنجي ٻـولي
سنــڌي ٻـولـي قـومـي ٻـولـي
بـيـدل ڀـٽـائـي ايـاز بـخـاري
واري سهڻـي سهنـجـي سولـي
ڌ ا ر ي ٻــولــي تـيــري مـيـري
آهــي ڪـيـڏي يـر بـي ڊولـي
سـنــڌو ديــش مـقـدر آهـي
جيـجـل جـي آ مـلـيـل لـولـي
سـڀ کـان وڌ آ مجيب مٺڙي
سنـڌي ٻـولـي چـاهت ڇـولـي

مجيب سنڌي



غزل
بـنا اوهـان جي خـدا ڏسي ٿو ، ننـڊون اسان جو جلا وطن ٿئي
اسان جي تن تي اڃا به اوڍيل ، وڇوڙو ڄڻ ڪو اڇو ڪفن ٿئي
خوشي ته ڄڻ هئي اوهان جو پاڇو ، اوهان جي ڪڍ سان لڳي پئي آ
اسان جي دل جي اداس ڌرتي ، ندو رو سا نوڻ سڄو گگن ٿئي
هي سمنڊ جهڙي اڇل جواني ، ڪنول نديءَ ۾ آ سونهن تنهنجي
لـهر لـهر آ لبـاس تنهنجـو ، هي چنـڊ نـيرو سڄـو بـدن ٿئي
هلين ته پايل ۾ ساھ پئي ٿو ، کلين ته تڙ تي پکي لهن ٿا
سنڀال پنهنجو وجود ڪورو ، ته ڳوٺ ٿي پيو اڪن ڇڪن ٿئي
ملين ته ڇيتن جيان ڇلين ٿي ، وڍين ٽڪين ٿي گفتگوءَ سان
ڇڄڻ ته تنهنجي پهاڄ هوندي ، ڪيو مون سان اهو وچن ٿئي
هي پيار ڏيندئي سڪون من کي ، سرور تن کي ، غرور ڇڏ تون
جواني پن ڇڻ جي شام ڪائي ، چيو پڌر تي ڇڻيل پنن ٿئي
متان اچين تون بنا وضوءَ جي ، اسان جي دل جي مقام اندر
اتي اسـان جـو عـشق بـزرگ ، شهيد صوفـي ٿيل دفـن ٿئي
ڇڏين ته ڀل ڇڏ تون سنڌ پنهنجي ولايتن جي بـه ماڻ موسم
متان لکين پوءِ خطن ۾ مون کي ، ته يار روشن وطن وطن ٿئي

روشن ظفر راهو

غزل
تون پري ٿو رهين چنڊ تارن جيان
مان ٿو وهندو رهان لُڙڪ لارن جيان
پاڻ سپنن ۾ ئي بس ملي ٿا سگهون
ٻئي حقيقت ۾ آهيون ڪنارن جيان
اچ هلي تون غمن جي خزان ٿي ختم
پيار تنهنجو پرين آ بهارن جيان
ٿي گهري يار توکي ڪٿان آڻيان
دل انگل اڄ ڪيو آهي ٻارن جيان
ڏات جي ڌئي ڦڻي مان سنواريان پيو
شاعري آ پرين تنهنجي وارن جيان

رضا ڪيريو


غزل

وري ڀاڪرن ۾ ڀري ئي نه ٿي
وري قرب اهڙو ڪري ئي نه ٿي
چيو مانس مونکي قسم آهي تنهنجو
سوا تنهنجي منهنجي سري ئي نه ٿي
خدايا تري ٿيون وڃن ٻين جو ٻيڙيون
مگر منهنجي ٻيڙي تري ئي نه ٿي
مري ٿيون وڃن ڪيتريون زندگيون پر
جدائي اصل ۾ مري ئي نه ٿي
مونکان وئي آ اهڙو رسي زندگي جو
ڪيان ٿو مان واڪا وري ئي نه ٿي
وڏو خال هن جي بنا زندگي ۾
اهو خال ٻئي ڪا ڀري ئي نه ٿي

جاويد نواز

غزل

مون گھڻو ئي روڪيو آ اي پرين
پيار توسان ٿي ويو آ اي پرين
سونهن تنهنجي جو به ناهي ڪو مثال
پيار منهنجو اڻ ميو آ اي پرين
هونءَ ته آهي چوڏهينءَ جو چنڊ پر
تنهنجي آڏو ڄڻ ڏيئو آ اي پرين
منهنجو سارو هٺّ، ارڏائي، ڀرم
تنهنجي پيرن ۾ پيو آ اي پرين
تو گھڻو ئي ٿي جھليو پر ڇا ڪجي
تنهنجو ياسر بي چيو آ اي پرين

ياسر منگي

غزل

زندگي جي بزم ۾ ڪو موت جهڙو پل هيو
هن چيو هو ڇڏ وساري زهر سو اڻجهل هيو
ويس ٽٽي يا پيس ڇڻي ڪائي خبر مون ڪانه پئي
ڪات هو جنهن هو ڪٺو يا ڪو گلابي گل هيو
ويو مري من جي اندر ڪجه مون ڪيو محسوس هو
ڪنهن چيو ويساه هو‘ مونکي لڳي ٿو دل هيو
هئي انڌاري واٽ ساري ان ڪري آهون ڀريم
پئي ٿڙهيم تارا کليم جو ويو ڇڏي ڀرجل هيو
رت ڪريو نه درد ٿيو ۽ ساه بي نڪري ويو
ٿيو قتل انکان هيس جيڪو منهنجو مشعل هيو
چيم تنهنجي آنگن مٿي عرفان ايندو ڪونه پر
توکي وساري جيئي ڏيکاري سو ته پڪ پاڳل هيو

عرفان شاهاڻي


غزل

هفتو گذريو سالُ به ٿيندو
ماضي هر پل، حالُ به ٿيندو
آس نِراس ۾ نيٺ بدلبي
حالُ سڄڻ بيحالُ به ٿيندو
سپنا مَٽجِي سُورَ ٿي پوندا
خوشيُن جو پو ڪالُ به ٿيندو
زَرِ ۽ مالَ سان چاههُ رکيو ٿِي
ضايع حُسن جمالُ به ٿيندو
جڏهن “گُلُ” هي دنيا ڇڏيندو
ٿورو ڪجھه هِت خالُ به ٿيندو

گل ڪوندر

غزل

آسـمـانــــي ڪـتـــاب آهـيـــــــن تــــون
تـوکـي تـرتيـب ڏئــي رهيـــو آهيـان
ڪنهن پَيَمبر جو خواب آهين تون
آسـمـانــــي ڪـتـــاب آهـيـــــــن تــــون
زنـدگــيءَ جـو نـصــاب آهـيــن تـــون
صـاف تـڏهيــن چـئـي رهيــو آهيــان
آسـمـانــــي ڪـتـــاب آهـيـــــــن تــــون
تـوکـي تـرتيـب ڏئــي رهيـــو آهيـان

منصور سيتائي


غزل

منظر هي دهشتن جا رسالا نوان نوان
جاويد قتل تهي ويا اجالا نوان نوان
قاتل نظر جو ناوكـ انداز عاشقي
خنجر „حريون اكين „م بهالا نوان نوان
تاريخ جو كفن تهيو رسوائي رات لئـ
تهذيب سامراجي „ء نالا نوان نوان
دل ، عشق ، خودكشيء جا :بيرا تلاشجن
رت :حهان :بير :جمكيا :جهالا نوان نوان
ميلا مشاعرا تهيا شاعر مذاحيه
:جر:جو عجيب هو جمالا نوان نوان
خاموش :بيرر"ن جا اشارا „ء قتل كاهـ
دل ، كربلا ، شكاربور حوالا نوان نوان

جاويد ميمڻ


غزل

عشق! تو کان اڳ جوانيء ۾ نه ها سين دربدر
حاصلاتن کان اڳي ئي ٿي ويا سين دربدر
سرخ نيڻن کي چمڻ جون حسرتون من ۾ کڻي
اجنبي ڪنهن شهر ۾ رلندا رهيا سين دربدر
زلتون ئي زلتون شايد مقدر ۾ هيون
انڪري هر گام اڪثر بس هيا سين دربدر
هٿ هٿن مان تو ڇڏائي موڪلاڻي جيئن ڪئي
يار! موهن جيئن اسان ڀي پوءِ بڻياسين دربدر
دوستن ڪوشش ڪئي پَرَ ڪنهن سهيڙيو ڪونه آ
توپڄاڻا او پرين! اهڙو ٿياسين دربدر
ڪو آهي جيڪو سنڀالي تنهنجي شاعر "فياض" کي
گيت ٽيڙو نظم دوها پئي لکياسين دربدر

فياض جتوئي



غزل

جلادَ ! اڏي مُرڪي ڪنهن نينهن نظاري ڇڏ
سر ڌار ڪري ڌڙَ کان سرمد کي سمهاري ڇڏ
تخليق ۽ خالق ۾ تفريقَ نه آ ڪائي
هي پانڌ پناهن جو جسمن تان اتاري ڇڏ
هر خيال ڪبوتر جيئن آڪاش تلاشي ٿو
تون نيڻ ڪري نغما تارن ڏي اُڏاري ڇڏ
آواز سمندر جو ڪنهن ڪوڏ ۾ گونجي ٿو
ڇڏ دور جزيري تي يا ڪنهن ته ڪناري ڇڏ
مجذوب جي پيرن جي پازيب ٿيان آئون
درويش! نگاهن سان هڪ وار نهاري ڇڏ
مٽيءَ جي پِنوڙي ۾ هي ساهه ستل آهي
سجدي ۾ وڃي احمد انسان اٿاري ڇڏ

احمد سولنگي


غزل

تُنھنجي سارَ وٺي جو آئي سنڌوءَ تي
مون ڀي پنھنجي دل وندُرائي سنڌوءَ تي
مان به ھُيس سنڌو ڀي ساڳيو ھو ليڪن
توبن ڏاڍي ھئي تنھائي سنڌوءَ تي
تولئه منھنجا ڀاڪُرَ بوسا تاسارا
توکي پر ڪا ياد نه آئي سنڌوء َ تي
تنھا ويھي ۽ توکي اڄ ُ ساريندي
لُڙڪن سان مون سانجھ رچائي سنڌوءَ تي
توکان پو سرجيندو آھيان سجني! مان
گيت، غزل، ٽيڙو ۽ وائي سنڌوء َ تي
پاڻيءَ ۾ پٿريون اُڇلائيندي مون اڄُ
منَ جي ھُئي ڪجھ مونجھ گھٽائي سنڌوءَ تي
خالي ٻيڙيءَ تي ھا ويٺل ڪنگ ٻه ٽي
۽ ھُئي سج َ سندي لالائي سندڌوءَ تي

مُنير پنھيار

غزل

تنهنجی سادگیء منهنجی زندگیء
پر او چری چهوکریء
توکی کیر بدهائی
کو تہ اهڑو جیکو
توکی پیو چاهی
جنهن جی دل جا سمورا
رستا تنهنجن اکین م آهن
او چری چهوکریء
هک پل تہ نهار
مان پل پل جو
کریان پیو انتظار

مرڪ لغاري


غزل

حساس آھي اثر الائي وٺي پيو ھو
نراس آھي اثر الائي وٺي پيو ھو
متان ٿڪين آٿتون ڏئي سنڌ ۾ برابر
ھراس آھي اثر الائي وٺي پيو ھو
نماءُ تون مال جو نه بي مال جي اڳيان ڪر
خلاص آھي اثر الائي وٺي پيو ھو
طويل ڀٽ کان وٺي جھالت جي رات ساڳي
اُماس آھي اثر الائي وٺي پيو ھو
شعور الطاف جاڳ جو ، سنڌ ھر سنڌي جي
اساس آھي ، اثر الائي وٺي پيو ھو

الطاف خواجه


غزل

ڪوهيڙو ، دڳ ڌنڌلا رستا
اوٺي ۽ وڳ ڌنڌلا رستا
ماڪ وٺي آ ڪاڪ ڀڳي آ
آلي رڳ رڳ ڌنڌلا رستا
ڌوپ اکين جي اجريون نظرون
جنت هي جڳ ڌنڌلا رستا
جرڪ جواني هاء سي ڏينهڙا
پيري هي پڳ ڌنڌلا رستا
وقت وٿيرو حال نه ماضي
پھر سڀئي ٺڳ ڌنڌلا رستا
ماٺ وفا چپ چاپ ستارا
درد لڳو لڳ ڌنڌلا رستا

وفا گل محمد جمالي


ﻏﺰﻝ

ﻫُﻦ ﺟﻲ ﻫﭣ ﻣﺎﻥ ڪري ٽٽو ﺷﻴﺸﻮ
ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﻴڙﻳﻨﺪﻱ ﺁ ﻟﮙﻮ ﺷﻴﺸﻮ
ﮔﻬﺮ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎﻥ ﻣﻮﻥ مٽايو ﭘﺮ
ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﭣ ﺟﻮ ﻧﻪ ﻫڪ مٽيو ﺷﻴﺸﻮ
ﺭﺍﺕ آڪاس ۾ ﺳﺘﺎﺭﻥ ﺟﺎﻥ
ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺞَ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﻮ ﭔﺮﻳﻮ ﺷﻴﺸﻮ
عڪس ڌندلا ڪرﻱ ﻭﻳﻮ ﺁهي
ﻻﻫﻲ ﭜﺖ ﺗﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﮀڏﻳﻮ ﺷﻴﺸﻮ
ﻳﺎﺩ ﻣﺎﺿﻲ ڪري ڪرﺍڙﭖ ۾
ﻫﻦ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﻭﺭﻱ مڪو ﺷﻴﺸﻮ
ﻫﺮ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪﻱ ﺟﻮ ﻟﮙﻮ ﺁﻫﻲ
ﭘﻴﺮَ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﻥ ﺳﻮ ڪﮃﻭ ﺷﻴﺸﻮ
ﻣﻨﻬﻦ ڏﺳﮡ ﻟﺌﻪ ﻧﻪ ﺁ ﻏﺮﻳﺒﻦ ﻭٽ
ﮔﻬﺮ ﺍﻣﻴﺮﻥ ﺟﻮ ﺁ ﺳﭵﻮ ﺷﻴﺸﻮ

ﻓﻴﺎﺽ ﺟﺘﻮﺋﻲ

غزل

تون کان جي مان وڇڙي ويندس
اجڙي ويندس اجڙي ويندس
پن ڇڻ جي موسم وانگي مان
پن پن ٿي ها کنڊڙي ويندس
ڏاڍا هنڻدينءِ هَٿَ منهنجي لئه
دوُر جي تو کان مٺڙي ويندس
نچندي ، ڪڏندي تو تان پنهنجي
جندڙي گهوري سنڌڙي ويندس
ڪونه مونکي ڪو جوڙي سگھندو
ڪپڙي وانڱيان اُڊڙي ويندس

فياض جتوئي


غزل

ڪهڙيِ بوند وسائي ويو آ
بادل باهه لڳائي ويو آ
هُن کان دوريءَ جو هر لمحو
مون ۾ زهر ملائي ويو آ
ڪل جڳ کان جو ٿيو سوڀارو
خود کان ئي هارائي ويو آ
چهرو چهرو ٿي ويو پٿر
آئينو شرمائي ويو آ
ڳل ڳل ڇو ”ملهار“ آ آلو
ڳوڙها ڪير ورهائي ويو آ؟

ملهار چانڊيو