سنڌي شاعري تي خوش آمديد


تاجل بيوس



تون ملندو رهندين خوابن ۾
تون ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي
ڪڏهن ننڊ ڪڏهن اوجاڳن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي

تون تہ ورڻو هئين وسڪارن ۾، ڇو نہ موٽئين ميگھ ملهارن ۾
اک ڦرندي رهي ڦولارن ۾، دل سڙندي رهي سيلابن ۾

ڏني ڪانگ نہ ٽپڪي ٽارين تي، ڪيا وار ورھ ويچارين تي
توکي ڏسبو روز ديوارن تي، يا تہ پڙهبو ڪڏهن ڪتابن ۾

اچ اکين وسي سيلاب ڪيا، اچ ڪڻڪن ۾ هن لاب پيا
اڄ تائين نہ پورا خواب ٿيا، ڪيسين رهندين يار حجابن ۾

ڪڏهن بيوس تنهنجا زخم اگھيا، ڪڏهن ڌرتي تنهنجا پار پڇيا
اڄ پٿر بہ تنهنجا ڪين ٿيا، ڪڏهن ترندو هئين تون گلابن ۾

****
تاجل بيوس


سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان

سنڌ منهنجي امان ! سونهن تنهنجيءَ مٿان
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان

هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ
ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ
هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ
اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان

تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان
تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان
شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان
کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان

هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ
هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ
هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ
ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان

ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان
مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان
ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي هر تي لکان
تنهنجو نالو وٺي تو تي لکندو رهان

هوءَ جا ” بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي
اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي
جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي
اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان

****
تاجل بيوس