سنڌي شاعري تي خوش آمديد


استاد بخاري

21


اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا


اسين اڌ ـــــــــ ڍاوا، اوهين وڌ ڍاوا
اسين ڦٿڪون ٿا اوهين ڦاٽو ٿا

ڪٿ پينگھي پاليل اَنگ اَٻل
ڪٿ تڙڪي تاتيل جُنگ جبل
اسين باهه ـــــــ بَٺا، اوهين نازڪڙا
اسين تڙپون ٿا، اوهين تپجو ٿا

اسين رِيءَ سنڀال ڪروڙن ۾
اوهين پهرن هيٺ به خطرن ۾
اسين ٽوهه ڪڙا، اوهين گسَ ـــــــــــ گدرا
اسين پکڙون ٿا، اوهين پٽجو ٿا

اسين بيٺا آهيون لوهه لڳا
اوهان ڪوهه پري ته به ڇرڪو ٿا
اسين سَچ ـــــ عصا، اوهين ڪَچَ ـــــــ ڪاوا
اسين ٽڪرون ٿا، اوهين ٽِڙڪو ٿا
**********
استاد بخاري



22

ڏکاري رڳو منهنجي دل تون نه آهين، سڄي پرٿوي ٿي پريشان آهي


ڏکاري رڳو منهنجي دل تون نه آهين، سڄي پرٿوي ٿي پريشان آهي
ڪيو ڪنهن ته بيداد بغداد توسان، تتي تنهنجي لئن ۾ لبنان آهي

تون وارن جي وڪڙن ۾ وچڙي وئي آن، هو وهمن جي ڪڪرن مان نِڪتي ڪٿي آ
تون نظرن جي تيرن ۾ تڙپي پوين ٿي، هو نفرت جي تيرن جو نشان آهي

نه ”ڇوڇا“ ڇهيو ٿئي نه سچ پچ چميو ٿئي، تڏهن پيو محبت، مصيبت چوين تون
هي سورن جو سامان سمجھين ٿو ساٿي، جي سوچين ته دردن جو درمان آهي

نه پورب سان پڇم نه زخمن سان مرهم، ملي ٿو چوي ٿو ته تنهنجو وڃي ڇا؟
نه مون سان ملئين تون نه توسان مليس مان، اصل ۾ اهوئي ارمان آهي

سمندر جي تر ۾ مِلي لئي ڪريون ها، لُڇون ها مڃي پئي ڳهي ها
همالي جي چوٽيءَ تي پهچي نچون ٿا، پَچون ها ته بيروت شمشان آهي

جو پرمار جھڙا وڏا پر رکي ٿو، جو ڪوراڙ وانگر وَرَ وجھي ٿو
اسان عاشقن جو انهيءَ سان مهاڏو، اهوئي ته دلبر جو دربان آهي

ڇَٻي چور کوليون ڪي ڳالهيون ڳجھيون ڪن، لِڪي زور لهرون ٿيون ڇاتيون اڀيون ڪن
هوائون لڇن ٿيون، ڪنارا ڪڇن ٿا، ائين ئي ته اٿندو ڪو طوفان آهي

حقير احقر آدم، عظيم اعظم آدم، بڇي زخم آدم، مکي مرهم آدم
هي نادان، داناءُ انسان ٿي پيو هڪ ئي وقت شيطان يزدان آهي

ڪُڇان لات ڪَٽجي، لڇان ڏات ڏنڀجي، پنان پوءِ خوشيءَ جي ڪا خيرات پِڙپي
لڳاتار خود دار استاد تڙپي، هي جِيون ڪٿي هي ته جئيدان ٿيو
**********
استاد بخاري

23




ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون


ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون، دريا خان ۽ دودا آهيون
جوٽي ڏيندا جھيڙا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها اهيون

هوشو جيئرو جوش ڏئي ويو، هيمون آجو هوش ڏئي ويو
دوَر نئين جا دودا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو، دشمن ڇهندو، ڇهندي ٻرندو
بجلي وارا جھٽڪا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

سورهن آنا سچ ته آهيون، شاهه، سچل جو مَچَ ته آهيون
طوفانن ۾ ٻرندا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

ماضي جا مهمان نه آهيون، آئيندي جا اعلان آهيون
تازا توانا تجلا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

تحريڪن جي طوفانن ۾، آزاديءَ جي ايوانن ۾
ڳاڙها جھنڊا ڦڙڪيا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

جرڪي جرڪي جئيندا آهيون، مُرڪي مُرڪي ملهندا آهيون
جيئرا هياسين، جيئرا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

دِلوارن لئه موتئيءَ ٽاري، دوڌارن لئه ڪات، ڪٽاري
بلڪِ بخاري، ڀالا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون
**********
استاد بخاري

24



مان ڪيئن سيج سمهان


مان ڪيئن سيج سمهان
منهنجا ماروئڙا- منهنجا سانگيئڙا- پڌري پٽ سمهن

تنهنجي ميزن تي، سهسين کاڄ اچن
کائن ڪانگ ڪتا، جوٺا جام بچن

مان ڪيئن لوڻ چکان
منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا روزا روز رکن

تو وٽ خوب خوشيون، عيدون، عيش، وهان
ريشم، ويس وڳا، ڏينهون ڏينهن نوان

مان ڪيئن سينڌ ڍڪيان
منهنجا ماروئڙا-منهنجا سانگيئڙا- ننگي پيٽ گهمن
******
استاد بخاري

25



گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان


گھر گھر برف ڄمي وئي آهي، در در ديپڪ ڳايان ٿو مان
دڳ دڳ اوندهه اوتي پئي آ، پڳ پڳ جوت جڳايان ٿو مان

اٿ ڀونچال، جوالا نچ تون، باغي ڀونءِ جمالو چوندي
اوٿر ٿو اَلاپ اٿاريان، ڇوليون ڇيرون پايان ٿو مان

دهشت گردي دَور سکي آ، حڪمت عملي مون به مٽي آ
دانهن ڀلي ڏي دور کي ڦٿڪي، گھنگھر توکي گھايان ٿو مان

جيئو، جيئڻ ڏيو، ڏاڍو سو گابو، جھيڙو جوٽي بيٺا آهن
وچ ۾ آءُ رتوڇاڻ آهيان، ڇاجي لاءِ ڇڏايان ٿو مان

صديون ڪنڌ ڪٽايا اٿئون، سهسين سنَڌ وڍايا اٿئون
هڪڙو ڀيرو گڏجو لوڪو، قهري ڪات ڪٽايان ٿو مان

ڪارا ڪپڙا، ڳاڙها جھنڊا، ساوا کيت، سنهري ڪرڻا
سنڌو توکي سينگارڻ لئه، طرحين رنگ رچايان ٿو مان

خير ته راڳي، ظلم ته باغي، قرب ته ٻڪرو، قهر ته ڪات
جرڪي جيئڻ ڪاڻ بخاري، ڪيڏا روپ مٽايان ٿو مان

********
استاد بخاري

26


تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان


تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان
ڇو ٿي گھٻرائين امان

ٻن ڪروڙن ڪونڌرن جي ماءُ آن جيئين سدا
تنهنجا هوشو حُر هزارين، تنهنجو هوشو هڪ نه مان
ڇو ٿي گھٻرائين امان

هي ته ڏس وک وک تي چوڪيدار ڏهه ڏهه نوجوان
سومرا، چانڊيا سپاهي، سورما کوسا، سمان
ڇو ٿي گھٻرائين امان

تنهنجي پورب ڇا سڄي پڇم لکي تاريخ آ
تنهنجي ڌرتيءَ کان وٺي آ، آسمان تائين ڌمان
ڇو ٿي گھٻرائين امان

عرش جي پاڇي کان جيڪي تنهنجو پاسو آ مِٺو
تنهنجي پاڻيءَ تي نه مٽبو توڙي ملندو زمزمان
ڇو ٿي گھٻرائين امان

هي دعا، دعوى، عقيدو، فيصلو استاد آ
سج زندهه، سچ زندهه، سنڌ زندهه دائمان
ڇو ٿي گھٻرائين امان
******
استاد بخاري

27


جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي


جَلَ ٿَلَ جھولي، ڏونگر ڏولي
او لوءِ لوئان لولي
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
منڇر، ڪينجھر سنڌو، ساگر
گج گج لهرون، ڇم ڇم ڇولي
او لوءِ لوئان لولي
آمر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
پَٽَ جو پَٽڪو، پَٽَ جي پوتي
ڍَٽَ جو ڍولو، ڍٽ جي ڍولي
او لوءِ لوئان لولي
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
شهر وارن سيني سانڍي
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ھولي
او لوءِ لوئان لولي
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي
پنهنجي ٻولي، ٻول بخاري
سُهڻي سُرهي سچي سولي
او لوءِ لوئان لولي
*****
استاد بخاري

28


وارن کان گهڻي


وارن کان گهڻي
تارن کان گهڻي
وڻ ٽڻ گل ڦل
ٽارن کان گهڻي.

برسات ڦڙين
کان ويهوڻي
واريءَ جي ڪڻين
کان ٽيهوڻي
انسان جي لئه الفت ڏي

ڇا ڀوري کي
ڇا ڪاري کي
ڇا کاري کي
ڇا پياري کي
ڇا دانا کي
ڇا نادان کي
ظالم کانسواءِ
هر انسان کي
جنت کان اڳيئي جنت ڏي
*****
استاد بخاري

29


مبارڪ! پلصراطي پيچري تان زندگي گزري
قيامت هئي نسوري، اڌ صدي، پر سا به ٿي گذري


زمانو هو بيابان، مُنهنجي وِک وِک پر خيابان هئي
لڳو ٿي دوزخي دڳ تان سواري جنتي گذري

گهڙي محفل ۾ مچڻو هو، گهڙي مقتل ۾ ملهڻو هو
دما دم ڪشمڪش ۾ پنهنجي پُوري زندگي گذري

گواهه آهن ٻِٽا ڀاڪر، ڊگها بوسا جوان وِڄ جا
وَهي منهنجي ڇهي شعلا، شرارن کي چُمي گذري

الائي دلڪشي ڪهڙي آ، آئيندي جي ديدن ۾
تڪيندي، سهڪندي، ڊڪندي ٿي ايڏهن هر گهڙي گذري

مِٺو هو يا ڪڙو پر عشق جو آواز پئي گونجيو
لَنگهيو ٿي چيٽ ڳائيندي، ڪندي ڪوڪون ڪتي گذري

جڏهن تنهنجون ملاقاتون به ٿي ڪاتيون کتيون اک ۾
تڏهن عيدن جي ڏينهن تي به ٿي ويڌن وڏي گذري

اڪيلائيءَ جي موسم ۾، اداسائيءَ جي واديءَ ۾
تصور جي اُٺي برسات، يادن جي ندي گذري

بخاري، زندگي محبوب آ، هڪ هڪ ادا هنجي
ڪڏهن سهڻي سُکي گذري، ڪڏهن ڏاڍي ڏکي گزري
*****
استاد بخاري

30


بازار ۾ ڏٺو هوندُءِ


بازار ۾ ڏٺو هوندُءِ
اخبار ۾ پڙهيو هوندُءِ

ها، پيار منهنجو آوارو
هر موڙ تي مليو هوندُءِ


تارو کڙيو ته مان ڊوڙيس
اڌ رات جو سڏيو هوندُءِ

آرام جو دلاسو ڏئي
آزار ۾ وڌو هوندُءِ

اوطاق تا اٿيو، مڇريو
جنگاهه ۾ گڏيو هوندُءِ

تحريڪ ۾ ويو گم ٿي
تاريخ ۾ لڌو هوندُءِ

ڪرڻن ڊڪي، جهٽي ورتو
اونداهه ۾ سٽيو هوندُءِ

مون جو سڏيو سڃاڻي ڇڏ
هر ڪوٺ سان ڪُٺو هوندُءِ

رڳ رڳ ٽُڪيو، جهُڪيو ناهي
منهنجو اهو ادو هوندُءِ

هڪ پيار کي ٻيو پاپيءَ کي
استاد جو پتو هوندُءِ
*****
استاد بخاري

31


پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو


پير پيا ٿَو ڦٽيا، هانءُ پيو ٿَو رَڌو، ڪجھ ته اڳتي وَڌو
جو هَٽيو سو ڪَٽيو، مون کي پَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

زندگي، جنگ جاري جيئڻ جي، مگر امن، انصاف لئه
پنهنجي قومي حقن لئه اچو ۽ مچو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهن کي ڦاڙيو، اڌو اڌ ڪريو
هڪڙو سِر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻَڌو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

سنڌ جي رات آ، وَر وَڪڙ واٽ ۾، قهر جي ڪاٽ آ
پاڻ وٽ جوت آ، جُنگ جوڌو جَٿو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

سِرُ تَريءَ تي رکڻ کان اڳي سورمؤ، هوڏي سامهون ڏسو
سوڀ سهڻيءَ جي سيني تي نظرون رکو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

پلصراطن کان پوءِ جنتون، مقتلن جي پٺيان منزلون
ٽهڪ ڦٽندا پريان، پهريان هي ڌڪ ٽپو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

مان ڏسان ٿو ڌُٻڻ ٿي وئي آهي ڌرتي سڄي ڏيهه جي
ڪو غربت ۾ گم ٿيو ڪو ڌَن ۾ گتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

هائو، آڙاهه آڏو آ، درياهه ٿيو، تيز طوفان ٿيو
ڪئين به ڪهڙو به، پر ڪو طريقو ڪڍو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

قطرو قطرو ملي مست درياهه ٿيو، تيز طوفان ٿيو
انقلابي بنايو ڪچو ۽ پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

لوڪ بنگلو نه ٽي وي نه وِسڪي نه زردو نه زر ٿو ڦُري
هو گھُري ٿو اَجھو ۽ لٽو ۽ ڳڀو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

هو کنڀيو ٿا وڃن ٽي سڌر سنڌ جا، ڀنگ، ٽي لک چيو
ڌاڙ ڌرتيءَ تي ماڻهو ٿيو جھڙو ڍڳو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

حيدرآباد برباد، سنڌي نسل، باهه ــــــــــ بيداد ۾
گھر ٻري آڳ ۾، روڊ رت ۾ رَتو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

جاڳ اک ۾ اَٿَو، پنهنجون کوليو اکيون، ڀاڳ هَٿ ۾ اَٿَو
سوڀ سگھ ۾ اَٿَو، ساٿ جوڙيو سگھو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

چنڊ سجدا ڪندو آ، عظيم آدميءَ جي قدم تي جھڪي
پاپ پُرزا ڪندو عزم پنهنجو پڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو

عار، استاد ، شاگرد، مزدور، ڪڙمي، سمورا ـــــــــــــــ ٻڌو
گھنڊ پيو ٿو گُڙي اِرتقا جو يڪو، ڪجھ ته اڳتي وڌو
************
استاد بخاري

32



هن ڌرتي جو تون آهين ڌڻي جي ڳالهه ڳڻي


هن ڌرتي جو تون آهين ڌڻي جي ڳالهه ڳڻي
جي ڳالهه ڳڻي
جي ڳالهه ڳڻي

هن ڀونءِ کي ڀونگر ڀاڪر وجھ
اڻ ڀوئنان ٿيندا پير ـــــــ پڻي
جي ڳالهه ڳڻي

هر ڌارئي ڌڙ تي ڌوڙ پوي
هِن خاڪ ڇڏيا ڪئي خان کڻي
.......جي ڳالهه ڳڻي

ڀَل ڇاتي ڇلجي ڇاڻي ٿئي
پر ڦٽجي ڪنهن پر ڪين ڦڻي
....جي ڳالهه ڳڻي

هر حالت منزل تي مِلبو
سڀ ساٿي بيٺا هامَ هڻي
...جي ڳالهه ڳڻي

ڏِس سنڌو سينو ساهيو آ
۽ ڇَپَر ڇاتي آهي تڻي
.....جي ڳالهه ڳڻي

هر پاهڻ پارس پاهڻ آ
هر هيرو آ هر ريت ــــ ڪڻي
....جي ڳالهه ڳڻي

پيو ”ڏي اَلا ــــ ڏي اَلا“ ڏوم چوي
هِن گھر کي گھرجي گھور گھڻي
...جي ڳالهه ڳڻي

جي لِکڻو ٿئي جيجل تي لک
پوءِ ادڙن کي استاد وڻي
...جي ڳالهه ڳڻي

******
استاد بخاري

33


سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران


سُڏڪن سِنڌ ــــ سچار، کلندي لڄ مران
مِهڻن منجھ ڄمار، جئيندي لڄ مران

ساگر آڳ لڳايان، ڏونگر ڏوهه ڏڪايان
بلڪل شير ببر ٿي، مڇري گوڙ مچايان
زالن وارا پَار
ڪڍندي لڄ مران

ڳاڙها ڳڀرو اڀريا، جذبا ٽَڪَرَ ٻري پيا
زورن ظلمن وارا، ڪوڙا ڪڪر وسي پيا
قيدي ڪنڌ هزار
گھمندي لڄ مران

قومي جلسن ۾ ڪي رتورت گيت گجن ٿا
رتورت گيتن ۾ ڪئي لَت پت لفظ لڇن ٿا
پهچو پهچو پڪار
نچندي لڄ مران

شهرن منجھ وِهانءُ، مانيون، ٻوڙ، پلاءُ ها
اوبر ڍير گھٽين ۾، کائن ڪانگ، ڪُتا پيا
ڏهرن منجھ ڏڪار
رڄندي لڄ مران

مان جو ڪوسو جھولو، گذران ريت تتيءَ تان
پڄري پڄري آخر، تنهنجي در تي پهچان
توسان بوءِ بهار
ملندي لڄ مران

توکي ڪئين ٻڌايان، نغما منهنجا نالا
سوچون منهنجون شعلا، جملا جھڙا ڀالا
پپٽ پر تي بار
رکندي لڄ مران

جاني جلدي جلدي، جھٽ ڪر مونکي مِٺي ڏي
جيئڻ ڪارڻ جيڏي، هوڏي جنگ ڇِتي ڏي
ڪوٺن بيٺا يار
وِهندي لڄ مران

موٽي چاهه چمڻ لئي، سرتي آءُ سڪان ٿو
ڪوٺين بيٺي مِٺڙي، پر مان ڪئين وران ٿو؟
سامهون تير، ترار
ورندي لڄ مران

تُهنجي هٿ ۾ ٽاري، ٽاريءَ اندر شعلا
ماڻهوءَ گھرجي ماني، ۽ تون آڇين گولا
توڏي او سنسار
ڏسندي لڄ مران

ناگاساڪيءَ وانگر، ٻيا بي شهر ٻري ويا
شاهد ڪئمپ شتيلا، ماڻهو بُک مري ويا
ٻِليون، ڪتيون، ٻارَ
ڪُهندي لڄ مران

ڦُوندا ڦوندا ٿي ويا، جن جي مَن جا نقشا
پِيلا، نِيلا پڌرا، جن جي مُنهن تا پاڇا
تِن کان پيڙ پچار
پڇندي لڄ مران

ڇِپ ڇِپ سيني لايان، ناهيان نهر جبل جي
وڻ وڻ ڀاڪر پايان، ناهيان واٽ جھنگل جي
جنهنکي تنهنکي هارَ
وجھندي لڄ مران

تنهنجي لاءِ جيان ٿو تنهنجي ڪاڻ مران ها
هي سِرُ گھور ڪريان ها، توتي پوءِ ٺران ها
مون تي آهي ميار
مرندي لڄ مران

تو ۾ سرڪش، منشي، باغي، شيخ، بّخاري
ايڏو انڌ انڌيرو، تو ڇو باهه نه ٻاري
توتي دور ميار
ڏيندي لڄ مران 
******
استاد بخاري

34


وڃ، وڃي ڀڃ ڀيلا ـــــــــــ ڀيلا


وڃ، وڃي ڀڃ ڀيلا ـــــــــــ ڀيلا
ٿر جي ٿَڃ ملهاءِ ساٿي
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي

گھنگھر اندر جر ٿر سوگھا
گھر گھر کي مڇراءِ ساٿي
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي

ڀُونءِ ٿئي پئي ڀاڱا ڀاڱا
غير هڻن ٿا وچ ۾ راڱا
ڳولي ڦولي ههڙا هاڃا

هائيءَ منجھ هڻاءِ ساٿي
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي

جھنگن کي زنجير ٻجھي ويا
ڪهسارن کي ڪير لڳي ويا
ڍنڍون، ڍورا، بحر ڄمي ويا

ڇولين کي ڇڏراءِ ساٿي
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي

وِک وِک ويري، روڪون، رولا
ڪاري واري ڪوسا جھولا
ڌرتي ٽامون، واٽون شعلا

ڄر مان ڄڃ لنگھاءِ ساٿي
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي

برپٽ باغ بنائڻ چاهيان
جي استاد آرائين آهيون
وڻ وڻ ۾ هڻ سوڌيون اوڌون

ڏِنگا ڏار وڍاءِ ساٿي
ٿر جي ٿڃ ملهاءِ ساٿي
****
استاد بخاري

35




هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان


هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان

جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان

خاڪي، نوري، فاني، باقي
سچ پچ ساٿي سڀڪي آهيان

عربي، عجمي آهيان ئي پر
روسي، هندي، چيني آهيان

سڀ کان اڳ ۾ انسان اڳ تي
سنڌي ـــــــ سنڌي، سنڌي آهيان

بوڙئي جھڙي منهنجي هستي
سنڌو واري مستي آهيان

سانگين سان گڏ سالگرهه مان
وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان

تاريخ آهيان قوم قويءَ جي
نه ته مرقد جي تختي آهيان

ڏيڍ ڏنگايون ڏاري ڄاڻان
مظلومن جو مددي آهيان

مِهر ته مکڙي ماڪ ـــ ڦڙا مان
قَهر ته ڪرندڙ بجلي آهيان

جوت رتيءَ تي پريت پتنگو
سنگ سڳندي، رنگي آهيان

عشق ۽ عقل حقيقي ساٿي
سونهن سچيءَ جو سنگتي آهيان

آجو پيار ملي پوءِ پيارا
سولو ويندو سرچي آهيان

آزادي استاد تنواريان
ماڻهن جي مان مرضي آهي
*****
استاد بخاري

36

سنڌ جو قصيدو


ساڃهه سرمو پاءِ، پوءِ پَسجِ سنڌ کي،'جنّت عدن تجري مِن تحتِه الانهار'، ساري سيِم سُهاءِجُوءِ نه ڪنهنجي جاءِ، بخاري هِن ڀُون ۽ سان
.
نعمت، ڪوهستان، جنت، لاڙ، سرو، ٿر،هِتي حُور، قصور جو سمورو سامان،'فَبِاَيّ آلآءِ رَبِّڪُما تُڪذّبِن'، جاچيو، جوءِ جهان،ڪعبو، نبي، قرآن، بخاري سڀ ڀونءِ تي
.
مون لئي 'مازاغَ البَصَر'، پڻي تنهنجي پاڪ،ڪوثر ڪڻيون موڪليون، مٿان گلن ماڪ،ستئي باغ بهشت جا، اٿئي، تر جا ٿاڪ،بخاري بيباڪ ڪهيو ڪلمو حق جو
.
پَسو، سنڌو پاڪ، اک کڻي استاد جان،جھِرمِر جھِرمِر ڪهڪشان، خوشبو خوشبو خاڪ،هميشه حنساڪ، سونهارِي سنسار ۾
.
سهيڙي سڀ روشنيون، ميڙي سڀ سرهاڻ،وجھي سنڌوءَ سير ۾، مَسُ ڪري مهراڻ،لکي مون واکاڻ، بخاري هن ڀونءِ جي
.
هِن تر جي تعريف، ادا ڇا استاد ٿئي!رمزون سڀ ربيع ڪريان، خوبيون سڀ خريف،تڏهن بي تعريف، پتي پوري ڪانه ٿئي
.
سنڌوءَ جي ساراهه، انت نه ٿئي استاد کان،هوءَ جا بوِ بهشت جي، سرها تُنهنجا ساهه،هو جو دونهون دوزخي، اهنجي تنهنجي آهه
پسيو ٺاهه ۽ ڊاهه ٻهڪيو هانءُ ٻريو پوي

نِت نِت نئين نيڪي، جيڏي ڪريان جوُءِ جي،تارن جوتون موڪليون، ڦُلن بوءِ ڦينڪي،سو سڀ منهنجي سنڌ ۾، جڳت ۾ جيڪي،ڏات، اڃا ڏي ڪِي، بات ڀوُنءِ جي
.
استاد آخرڪار، مرڻ ناهي ميهڻو،همّت جي هڪ ڏينهن تان، صدقي سال هزار،غيرت ڪِج نه غار، بوتو ڀينڊ ڀريو ته ڇا

ڌرتي تنهنجو ڌيان، ائين آ استاد کي،ٻُڌا جئين لوچي لڌو، گمراهي مان گيان،هُن ڳوليو نروان، آءٌ آجايون ڳوليان
.
بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي!ڳوهيان ظرف زمان ۾، موهيان منجھه مڪان،مِٽيءَ مانُ مهان، اڃا آڳاهون گھڻو
.
بي حد ڀونءِ بيان، ادا ڇا استاد ٿئي!هڪڙي ذرڙي زندگي، هڪڙي ضعيف زبان،جان جان جِيءَ ۾، تان تان وطن جي
.
سنڌوءَ جي ساراهه، ادا ڇا استاد ٿئي!منهنجو ساهه مُني صدي، سندس سونهن اٿاهه،اسان کي اللهَ، ڏني سنڌڙي ڏاڻ ۾
.
سنڌوءَ جي ثنا، ادا ڇا استاد ٿئي!ڪِرڙ، ڪنڊيون ڪلڪون ڪيان" پَڌر پَٽ پَنا،ڇَپر، ڪَک، ڇنا ڳائِن ته به ڳالهيون گھڻيون
.
وطن ۽ ويساهه، سمجھان، ساڳي ڳالهه ٿو،آزادي، الله، هوندا هڪڙي هنڌ تي
.
جيڏو سچّو، سلڇڻو ايڏو سياڻوجيڏو ارڏو، بي ڊپو، ايڏو نماڻوناتو اباڻو، سَگھو منهنجو سنڌ سان
.
هو جو مون سپنو ڏٺو، اهو هو آفاق،تتو ٿر جو ٿاڪ، سو مون ساڀيان ماڻيو
.
شاعري چانڊاڻ ٿي، موسيقي سرهاڻمون توسان مهراڻ، آفاقي ناتا ڳنڍيا
.
هينئون توڙي هوش، ڏِياري هِن ڏيهه جي،جيڪو جذبو، جوش، وطن تان واري ڇڏيان
.
سنڌي منهنجو ساهه، سنڌي منهنجو سَتُّ،رڳون، ٻوٽيون، رَتُّ، منهنجون هِن مٽيءَ مان.
تن ۾ جا طاقت، سَڀَ بخاري سنڌ جي،
"مران مران، مات نه کان"، اها اشرافت،اهم عبادت، اٿم ورد وطن جو

سوچون، لوچون، سَگھ سڀُ حوالي سنڌ جي،امل ٿِيَن اگھه، مران، جيئان ماڳ تي

وطن سان ايمان، اٿم قائم، مولوي
رسالي کي سنڌ جو، سمجھان ٿو قرآن،مران مسلمان، اکئين آجائي ڏسي

سِنڌو منهنجي ماءُ، ٻڌي ڇڏ هي ٻول تون!پاپيءَ سان پرچاءَ، پرچڻ آب ۽ آڳ جو

ٻُڌ او، ماءُ ــــــ ٻولي، ڪوي قول ڪري چُڪو!ڄاڙيءَ تي گولي، سنڌي ٻولي ڄڀّ تي

ڪيڏو آءٌ ڪوي مگر، ڪريان ڳالهه سچي،سنڌي قوم بچي، بچيس، نه ته مري ويس!
******
استاد بخاري

37

درد دل مان ڪڙا ٿو ڪڍان، ڇو ته منهنجو مٺو ٿو اچي۔

روز سينگار جان ٿو ائين ڄڻ ته سهڻو اجهو ٿو اچي
درد دل مان ڪڙا ٿو ڪڍان، ڇو ته منهنجو مٺو ٿو اچي۔

خوبصورت نظارا کنيون، ڪهڪشان، چنڊ تارا کنيون
سونهن جا روپ سارا کنيون، ديد جو دادلو ٿو اچي۔

مهڪندو مهڪندو ٿو اچين، مرڪندو مرڪندو ٿو ملين
اڻ ميو پيار ٿو يار ڏين، مونکي ڏاڍو مزو ٿو اچي۔

موت جهڙا مهانڊا کنيون، بت تباهين جا ڀانڊا کنيون
اک، جهنم جا ٽانڊا کنيون، ڪو ڏهاڙي ڏچو ٿو اچي۔

سوچ، اوٿر ٿي ڊوڙي پئي، ديد، منڇر ٿي اٿلي ٿي پئي
دل جي ڌرتي سا لرزي ٿي پئي، ظاهر آ زلزلو ٿو اچي۔

دل فريبي سان دوکو به آ، عشق سان گڏ عقيدو به آ
قافلو هي قطاريو سڄو، اٽڪلي فلسفو ٿو اچي۔

هي آ جيون جي جادوگري، آرزو جستجو ۾ چري
ڏس ته جيئون ٿا هرهر مري، رنگ رت جو رتو ٿو اچي۔

مونکي ڪوٺيو موالي ڀلي، منهنجو ميخانو هن جي ڳلي
عشق مون وارو اوڏهن وڃي، پڪ ڪري ڪو نشو ٿو اچي

ڪير ڪوڙو آ ڪير آ سچو، بحث آهي بخاري ڊگهو
پاڻ کي ٿو کپي ڀروسو، پرڪٿي ڀروسو ٿو اچي۔
*****
استاد بخاري


38

سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ


سونهن تنهنجي سنگيت جهڙي آ
گفتگو، لوڪ گيت جهڙي آ۔

تنهنجي گهر جي ڀت تي هٿ رکيم، پت ڪر
ڇو ته مون لئه مسيت جهڙي آ۔

پيڙ تي پيڙ، جاري جيوت ۾
پو به پياري پريت جهڙي آ

عشق ۾ شرم، عيب آهي پر
ڪا حماقت ڪريت جهڙي آ۔

اوت، استاد، تنهنجي امرت جو
جوت تر جي اجيت جهڙي آ۔
******
استاد بخاري

39

ديد گلابي دلبر تنهنجي،مرڪ چنبيلي ماشاءَالله ،


ديد گلابي دلبر تنهنجي،مرڪ چنبيلي ماشاءَالله
نازڪ انگڙا،ريشم ڪپڙا،دل پٿريلي،ماشاءَالله
طرحين رنگ طبيعت تنهنجي،دنيا وانگر دور نيارا
ڪٿ نخريلي،ڪٿ اربيلي،ڪٿ شرميلي، ماشاءَالله
ڪڏهين اڪيلي مون وٽ منهنجي ،هوءَ سرهائي ناهي آئي
اڄ به اٿس ڪاڳوڙهي ڳڻتي،ساڻ سهيلي ، ماشاءَالله
پيار پکيئڙا جيئڙا جيئڙا،پيار ونڊيون پيا هيڏاهن هوڏاهن
تاڙي ٿي پئي ڪنهن ماريءَ جي،گهور گليلي ماشاءَالله
سهسين تارا هڪڙي پاسي،باک بخاري هڪڙي پاسي
ميساري پئي ڪيئي مايوسيون،آس اڪيلي ماشاءَالله
عقل الايو،،آڳو،پيڇو جاچي پنهنجو پير وڌاءَ
عشق چيو؛استاد، اٿي پئو”عيلي عيلي“،ماشاءَالله
******
استاد بخاري

40

گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين


گهڻو اداس نه ٿي جو اجهائجي نه وڃين
وڏو جهان آ غم جو، وڃائجي نه وڃين۔

هي جام، جام تي پيئندي ٿي رهندو تاس وڌي
ته احتياط، اڃا بي اجائجي نه وڃين۔

رکين ته چنڊ سا رک چاهه، ڏي ڇڏي تارا
متان هزار ذريون ٿي ورهائجي نه وڃين۔

خلوص، چنگ نه ٿي جو بکيا وتن چارڻ
کڄي، اير جي در تي وڄائجي نه وڃين۔

ٽڪر به ٿي متان نانگڻيون نچن توتي
ڪڪر نه ٿي جو گگن ۾ نچائجي نه وڃين۔

اسان سان حوُر، خواب ۾ به بي حجاب نه ٿي
نڪور ٿان ته آهين، امهائجي نه وڃين۔

چڪور، چنڊ کان، مجنون کان ليلي کان
ته ڪاٿي سونهن کان تون بي ستائجي نه وڃين۔

بچيو ته ڪجهه به بخاري نه آ، مگر اي دل
اڃا به عشق ته آهي، اگهائجي نه وڃين۔
******
استاد بخاري