ڪا سار ته لهبي آ
ڪا سار ته لهبي آ
رُڳو هامَ نه هڻبي آ
ايڏو ضد به چڱو ناهي
ڪنهن ٻئي جي به ٻُڌبي آ
سا ڳالهه ڪجي ڇا لئه
جا پاڙي نه سگهبي آ
فُرصت جي گهڻي ناهي
هڪ رات ته رهبي آ
“هُن خط آ لکيو ”زخمي
ڪا چوٽ به سهبي آ.
****
زخمي چانڊيو