سنڌي شاعري تي خوش آمديد


شاهنواز ڪالرو

حالاتِ حاضره ............ شاهنواز ڪالرو

آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان
ناهي محفوظ هتي ڪنهن جي جان
بم ڌماڪا، گوليون، گوڙ ۽ گھمسان
هڙتالون،روڊ بلاڪ ماراماري ۽ نقصان
!...آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان
_______________________________
مهنگائي وئي آهي چوٽ چڙهي
غريب غربو ڇا ڪندو هت پڙهي
اٽو،گيھ ۽ دال وٺندي وڃي ٿي دل سڙي
رڳو ٺڳين جا آهن کليل هت دڪان
آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان
___________________________
آهن نرالا هتي جا سڀ سياستدان
نسواري،گوڏن وارا ته ڪي آهن خان
سڀ هڪ ڍڳي جا چور اٿن ڪونه ايمان
ڪالرو ڪري ڪهڙي بيان هتي داستان
!....آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان
_______________________________
رشوت جو گرم آهي هت بازار
عوام تي آهي هر قانون جي مار
ڏي وٺ تي هلي ٿو سڀ ڪاروهنوار
هر وقت رهي ٿو بجلي جو بحران
!...آهي ملڪ اسان جو هي پاڪستان
____________________________
!!!......شاهنواز ڪالرو .....!!!