ﺳﭙﻨﻲ ۾ ﻣﻮﻥ ﭤﻲ، ﮔﻬُﻤﻲ ڪهڪشان
ﺳﭙﻨﻲ ۾ ﻣﻮﻥ ﭤﻲ، گھُمي ڪهڪشان
ﭼﻨڊ ﻣﺎﺗﻢ ڪيو ﭤﻲ ﻣڪﻠﻲﺀَ ﻣﭥﺎﻥ
ﺗﻮﻥ ﺍﭜﻴﭽﻨﺪ ﺳﻨﺪﺍ ﺳﻴﭟ ﻧﺎﻫﻦ ڏﭠﺎ
ﺗﻮﮐﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺧﺒﺮ ﺳُﻮﻧﻬﻦ ﮀﺎ ﻫﻲ ﻣُﻼﻥ
ﻋﺸﻖ ﺳﺮﻣﺪ ﺟﻲ ﭘﻴﺮﻥ ﺟﻲ ﺧﺎڪ ﺁ
ﺗﻮﻥ ٺٽي ﺟﻲ گھٽين ۾ ﮔﻬُﻤﻲ ﺳﻮﭼﺠﺎﻥ
****
حسن درس
رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ - حسن درس
رستا سوڙها ۽ ٻيا وڻ
واهڻ پوڙها ۽ ٻيا وڻ
بن ۾ مون سان بيٺا آهن
منهنجا ڳوڙها ۽ ٻيا وڻ
ماڻهو ماريئونڪري اڪيلا
لانڊيون لوڙها ۽ ٻيا وڻ
ڌرتي ڪيئين جهُڪن هي تنهنجا
ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ
توسان گڏ حسن هي پنڇي
جوڙا جوڙا ۽ ٻيا وڻ
****
حسن درس
وائي - حسن درس
وائي
آسمان تي چنڊ آهي
۽ زمين تي گاهه آهي
تون ڪٿي آهين
پڀرو هڪ ڳوٺڙو
اورتي واريءَ دڙا
۽ وچ ۾ هڪ واهه آهي
تون ڪٿي آهين
تو بنا خالي پڻو- مان
پاڻ کي ڳوليان ڪٿي
تو ۾ منهنجو ساهه
تون ڪٿي آهين
دور تائين دلبري آ
چوطرف چمڪاٽ جهڙو
تو سندو ئي چاهُه آهي
تون ڪٿي آهين
در دريون ڌڙڪن پيا
مان سمورو ڇرڪ آهيان
۽ گهٽين ۾ ٽاهُه آهي
تون ڪٿي آهين
تون ڪٿي آهين
*******
حسن درس