سنڌي شاعري تي خوش آمديد


روبينه ابڙو

تنهنجي مَنَ ۾ راز نه ڪوئي

، تنهنجي مَنَ ۾ راز نه ڪوئي
پنهنجو ڪو همراز نه ڪوئي

داتا جي درٻار ۾ گونجيو
سڏڪن جهڙو ساز نه ڪوئي

سِڪَ ۽ سُور جيان او - لوڪو
الله ! سوز گداز نه ڪوئي

ٻيا ڀي آهن مست قلندر
مروندي شهباز نه ڪوئي

ساههَ پکيئڙو جيئن اُڏامي
ان جهڙو پرواز نه ڪوئي

مون وٽ ڪو انجام نه آهي
۽ تو وٽ آغاز نه ڪوئي

ميخاني ۾ ماٺ وسي پئي
حق حق جو آواز نه ڪوئي

سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنوارڻ
ايندو هاڻ اياز نه ڪوئي

هڪڙي سندر ساميءَ جهڙو
ٿيندو نينهنُ نواز نه ڪوئي

پاڃاري جيئن ڪينَ پڃي جو
اهڙو ماءُ مجاز نه ڪوئي

نينهنَ ڪيو نروار جنين کي
تن جهڙو ممتاز نه ڪوئي

***
روبينه ابڙو


سَچُ - روبينه ابڙو

سَچُ


سَچُ تَتل ٿرـ واريءَ جهڙو
جنهن تي هلندي پيرَ سڙن ٿا
.پوءِ به زوران زور کڄن ٿا

سَچُ ته "شاهه عنايت" جهڙو
جهوڪَ اندر جهونجهارُ ڏٺوسين
.صوفين جو سردار ڏٺوسين

سَچُ ته پاڻ ‌‌‌‌‌‌‌‌‌‌”بلاول“ آهي
ور ور جو ورجايو ويندو
.گهاڻي ۾ پيڙايو ويندو

سَچُ "ڀٽائيءَ جو تنبورو"
جنهن مان سُرَ سوين نڪرن ٿا
سنڌ سموريءَ ۾ پَکڙن ٿا۔

سَچُ ته ”سچل“ جي سرمستي
ماٺ ٿئي تان مشرڪ ڀانئي
.ڪڇي تان ڪافر چورائي

سَچُ ”قلندر“ جو ”مي رقصم“
ڌرتي ۽ آڪاس ڀي رقصان
.عام هجي يا خاص به رقصان

سَچُ ته "مائي بختاور" جان
جنهن کي ٻڌندي ھنيائوَ ڪنبن ٿا
وڏ ڌڻين جا ڪنڌ جهڪن ٿا۔

سَچُ ”ڪنورَ“ جي لوليءَ جهڙو
گونجي گهٽي گهٽي هر گام
جنهن ۾ الله، ايشور، رام۔

سَچُ "ڀٽي" جي ڦاهيءَ
سارا آمر ڀڻ ڀڻ ڪن ٿا
جلادن ڪا هٿَ ڏڪن ٿا۔

سَچُ ”عباسيءَ“ جي مک جهڙو
ڳاڙهو گُلُ گلاب ڏٺو سين
.موت مهانگو خواب ڏٺو سين

سَچُ ته "سيد" جي سمجهاڻي
آزادي ايمان اسان جو
.سنڌ پرستي شان اسانجو

سَچُ ته ”بگٽيءَ“ تي بمباري
آمر جا ايوان ڌڏن ٿا
ڀاري ڀاري برجَ لڏن ٿا۔

سَچُ ته بلڪل ”بينظير“
ڪاري اُڀَ تي تاري وانگي
.اناالحق جي نعري وانگي

سَچُ ته ”سوڀي“ جي ارڏائي
عشق اٽلتا ساڻ هلن ٿا
.دنيا سان جي ڪين ٺهن ٿا

سَچُ ته نانگن جي ٻرَ جهڙو
جيڪو هٿ ڏنگائڻ ايندو
سوئي نينهن نڀائڻ ايندو۔

هر ڪنهن واري تي ڀوڳيو آ
پر ڇا سڀني هي سوچيو آ
ڪنهن سان تن جي ياري آهي

سَچُ وڏو ڏوهاري آهي۔

______________________
نوٽ :مها ڪوي "شيخ اياز" جي نظم" سَچُ وڏو ڏوهاري آهي" جي عنوان تان ورتل۔.


وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ - روبينه ابڙو

وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ
نئون سنڌ ۾ ڪو ٽڙيو گُل آ۔

کڻي نيڻَ ڏسُ ڪيڏي ڦلواري آ
وڻيو توکي هڪڙو ئي ڇو ڦُل آ؟

اُهو جُزِِِِِ جي آهي اندر آُلجهيو
رهيو ذات پنهنجيءَ ۾ جو ڪُل آ۔

خُدا ڀي هُيو حيرتن ۾ ٻُڏل
هي ڪهڙي بََشَر جي نئين ڀُل آ۔

ڪٿي ڪوئي ڪافر پيو واڪَ ڏي
ته ايمان ڪنهنجي جو ڇا مُله آ؟

سڄي سرشٽي پئي ڇاڇولجي
اچي پاڻ ڇاڇول ۽ ڇُل آ

رهيو مدتن کان اندر منتظر
اچي جيءُ جهوليءَ اندر جُهل آ

جيئن واءُ گُهلجي ٿي ساگر مٿان
اسان جي مٿان ڀي ايئن گُهل آ

آءَ اورارَ تي ، هو پرئين پارَ تي
ٻڌي درميان پيارَ جي پُل آ۔

وري ڪُفرَ جو ڪوئي ڪلمو پڙهي
اچي عشقَ راهن مٿي رُل آ۔۔


***
روبينه ابڙو


(جهيڻي جهيڻي آڳ ٿي مون ۾ ٻري)

روبينه ابڙو

وصل جون ڪيئي سڌون
ويڙهي رکيون هِنِ
۽ گهڙيون ميڙي رکيون هن
سي سڀئي توکي ڏيان ٿي
هي جي مون ۾ منتظر ها خواب سارا
انتظارن جا هئا جيڪي به چارا
سي اڃان روشن رکيا هن
جهيڻي جهيڻي آڳ ٿي مون ۾ ٻري پئي
آڳ ۾ ڪا ياد ٿي مون ۾ ٻري پئي
ياد جا ڏيئو بڻي آ 
حوصلي جو
مان گلن جي راھ تان توڏي اچان ٿي
۽ سمورا خار جهوليءَ ۾ کڻان ٿي
خار ئي ويڙهي رکيا پنهنجيءَ هڙ ۾
گل تولئه راھ ۾ رکندي اچان ٿي
تون وڇوڙي-موڙ تي مون کي مليو هئين
۽ صدين جا پنڌ منهنجي روح کي
ارپي هليو وئين
تون ستارن ۾ ڪٿي آهين مگن پر
ياد تنهنجي منهنجي من ۾
چنڊ سان چمڪي پئي ٿي
ڏِسُ ته مون وٽ
ڄڻ ستارن کان پري پئي رات ڊوڙي
ڪيترا ٿي چاھ چوڙي
دل جي آڳر تي وڇوڙي جو پکي
آس کي چُڳندو رهي ٿو
آس جنهن کي مات ناهي
تون وريو ناهين ته راڻا
اڄ وڇوڙي کي مان وارن ۾ ٿي ويڙهيان
پاڻ ميڙيان
ياد تنهنجيءَ جي سهاري
زندگيءَ ڏي ٿي وران جو
من سڀاڻي سينڌ پنهنجيءَ مان سمورا
ساٿ ميڙيان
تون نه ايندين
ايترو ڄاڻان پئي پر
پوءِ به دل جا دڳ سڀ
روشن رکان ٿي
مان ڏسان ٿي
ڏُور تائين آس منهنجي
نينهن جي ان ناوَ تي هلندي وڃي پئي
جا ازل جي سمنڊ ۾ ترندي اچي پئي
ڇا خبر، ڪهڙو پتو؟

ڪٿ ابد جي ڪُنَ ۾ آخر ٻُڏي ٿي


“امن جي چادر لهوءَ ۾ لال آهي”

روبينه ابڙو

مان اڄوڪي دور جو نوحو لکان پئي
۽ امن جي لاش تي ماتم ڪيان پئي
هر شهر جي راھ هر ڪا 
رت رڱيل آ
۽ گلن جي موسمن ۾
لاش ٿا پهچن پُٽن جا
زخم جسمن تي سجايل ايئن آهن
ڄڻ گلابن جون پتيون وکريون پيون هن
روز دروازن تي آرائينءَ بجاءِ
گورڪن ٿڦڪيون ڏين ٿا
سوچيان ٿي!
درد جي هن دور کي مان
نانءُ ڪهڙو ڏئي سگهان ٿي؟
آ جتي وحشت اڳي کان ڀي اڳاهين
دين جي ۽ ڌرم جي چوغي پٺيان
پلجي پئي ٿي
جنتن جا جام آڇي
ڪِيسَ ڪيڏا ٿيون ڪرائن وحشتون
آ سڄي ماحول تي، هر سوچ تي
بارود جي بدبوءِ حاوي
ٿي کڻان مان ساھ ڪهڙي ديس ۾
مونجھ ڦهليل آ فضا ۾
هر ڏسا ۾
موت جو ئي خوف آهي
موت ڪو راڪاس آهي
ڇاڙتا ڇوڙي ڇڏيا ٿس
تنهنجي منهنجي
سڀ جي ٻچڙن کي چُڳڻ لئه
جو هتي جون درسگاهون
قتلگاهون بڻجي ويون هن
۽ سموريون مائرون غمگين آهن
روز گوليون رت لئه رلنديون رهن ٿيون
روز جسمن لاءِ بم ٿا ڦاٽ کائن
مان هي ڪهڙي دور جي تاريخ ۾
داخل ٿي آهيان
ٿو جتي منهنجي ٻچن جي خون تي
مذهب پيو پلجي
۽ جتي هر چونڪ تي
هرڪو هڻي نعرا پيو پنهنجي خدا جا
او ابا آدم!
هي تنهنجا پُٽ ڇو بدمست آهن؟
او حوا! منهنجي امان
توکان ملي ورثي ۾ آهي
امن جي چادر اها ئي
ديس جي سڀ مائرن کي اوڍيل آ
جيڪا مذهب ڀي آ، فرقو ڀي آ
مسلڪ ڀي اها آ.
اڄ اها چادر آ چيهاڙيون بمن سان
گولين سان
امن جي سفيد چادر
اڄ لهوءَ ۾ لال آهي

مان اڄوڪي دور جو نوحو لکان پئي




“اکيون جي لال ٿي ويون هن”
روبينه ابڙو

اندر جي هر ڳليءَ ۾ اڄ
سوين الزام بيٺا هن
اهي ابهام بيٺا هن
هئا تشبيھه ڪلين جي
مگر سي گل ٿيڻ کان اڳ
ڪڏهن ٽارين مان ٽوڙيا ويا
جتي هون منتظر نظرون
دڳن جا ڀاڳ موڙيا ويا
اچي ٿي دُور کان مون کي
گلن مان خون جي خوشبو
مُکن تي خوف جا پاڇا
اکين ۾ حيرتون آهن
سڀئي انسان هڪ ٻئي کي
ڏسن ٿا آرسيءَ وانگي
مگر هِن ڀاوَ هر ڪنهن کي
ته هر ڪنهن جي هٿن ۾ ڪو پٿر آهي
اهو ئي خوف ويڙهيل آ
اهو پنهنجو ئي کيڙيل آ
جو وحشت کي لڻون ٿا پيا
اسان ڄڻ اڄ ڀُرون ٿا پيا
جُتيءَ پنهنجيءَ جي هيٺان
هُرون ٿا پيا
اندر ۾ هور آ ڇانيل
انهن معصوم جذبن جي
جي گولين سان وهاٽيا ويا
وري اڄ مائرن جي اوڇنگارن سان
سمورو عرش ويو لرزي
سڄي ڌرتي ڌڏي وئي آ
مگر پوءِ ڀي سفاڪيءَ جو
اڃان هي کيل آ جاري
اڙي او وقت جا منصف
اڙي او وقت جا حاڪم
جنازن تي ڀنل اکيون
روئيندي لال ٿي ويون هن
اوهان جي ماٺ کي ڏسندي

صدين جو سوال ٿي ويون هن