سنڌي شاعري تي خوش آمديد


نماڻو سنڌي

.اي گهنڊ گُڙئين ڪونه، ڪهڙو منڊ لڳل آ


.اي گهنڊ گُڙئين ڪونه، ڪهڙو منڊ لڳل آ
.بي چين آهي چنڊ ۽ چپ ڪاڪ محــل آ

ويساهه بــچائڻ لئه ٿي آڙاهــه مچــائي
.مومـل به مــڙي ڪو نه ٿـي راڻو به رٺــل آ

وئي مند رســي، ڪو نه ٿيــو پازيــب پڙلاءُ
.نه قافـلا وريـا، نه ڪـــمندن جــي اڇــل آ

ڪو هـار مڃــي پيـار ۾ هاري نه ٿو سـوڍو
.هڪ پاند جـهليل هٿ ۾، ٻيو پاند ڀنـــل آ

هڪ ڪاڪ به ٽيـــڙي ۽ مـومل به اَويــڙي
.هت جــيت به آ مـات ۽ هـار اجــل 

*****
نماڻو سنڌي

تـون ڪـجلا سر جـي پاڻياري


تـون ڪـجلا سر جـي پاڻياري
.مان نـگر نـگر جـو وڻجـارو

جا هـلچل تنـهنجي تن من ۾
سو جل ٿل منهنجي جوڀن ۾
جي هـٿ تون ڦيرين زلفن ۾
.ٿئي ڪارونجهر تي وسڪارو

هي ســج ڍري ٿو گهاگهر ۾
!ڇا، سون ٿو جرڪي بينسر ۾
جا ٽور ٽلين ٿي جهانجـهر ۾
!هر چَــپ ٿڌي تي شُوڪارو

تنهنجي سونهن جي ساک ڀري ٿو
چنڊ بـه تولــئه پند ڪري ٿو
جا ٿي پـئي ٿو قيد ڪري ٿو
.تنـهـنجي ئــي جلون جو ڍارو

جي واٽ وندر جي ويندس مان
امــنُ ئـي بڻـجي اينـدس مان
سڀ سانگ سهيڙي ايندس مان
!بــڻجـي ڀـونءِ ســندو بنجارو

*****
نماڻو سنڌي


.اوهان جي اچڻ ۾، گهڻي دير ٿي وئي


.اوهان جي اچڻ ۾، گهڻي دير ٿي وئي
.اسان جي ته هاڻي، وڃڻ وير ٿي وئي
سندر روپ تنهنجا، مان ڏسندو ئي رهندس
.ٿيو ڇا جي ساجهر ئي منهن مير ٿي وئي
اسان تنهنجي نگري ۾ ايڏو نچياسين
.ٽُٽي داڻو داڻو، سڄي ڇير ٿي وئي
نه ورندي ڏني تو، هَڻي هٿ ٿيا ساڻا
.ٽُٽا ڪيئي ڏونڪا، چٻي ڀير ٿي وئي
پڇين پار جن جا، پرين تون پيو اڄ
.کاهوڙين جي سا، اڳ هِتان کير ٿي وئي
ڏسڻ سان ئي جنهن جي ملي روح راحت
.ليئو پائي هاڻي هتان، ڪير ٿي وئي
کنيا پيار مان جن ڪٿي پيرڙا ڪي
.اُڏاڻي جا واري، اُتي ڍير ٿي وئي
نه هُن کي ڏسين ٿي ته تڙپين لُڇين ٿي
.اٿئي ڇو، اها هير ٿي وئي!اڙي دل
****
نماڻو سنڌي

نــيڻ سانــــدءِ رنـــا ، کــوڙ ڀــيرا ڀـــنا

نــيڻ سانــــدءِ رنـــا ، کــوڙ ڀــيرا ڀـــنا
ڇا ته آهون ڪيون منهنجي زخمي چپن

جهل مسيحا تريون، ڪير ڪوڪا ڪڍي
اڄ به انسان ۾ پاتيون جهاتيون جهڳن

هُو پون پنڌ جي، تون به پيڇو ڪجان
پير ڊاهي متان.! واءُ ڏئي ڪو وچن

او مسافر.! اُٿي ڇانوَ تنهنجي نه آ
پريان پاوڪ اچي ٿي ڇپون ٿيون ڇڄن

موت نچندو اچي، صليب ڏانهن ٿو چڪي
مان نه ٿو چاهيان پر وکو ن ٿيو کڄن

اڄ نــــــماڻـــــا وري پاڇو پيڙي پـــيو
مان به اڏري سگهان هان، گهُمان هان گگن

*****
نماڻو سنڌي

پياسا ئي ماريئي ، پروڪن پٽن تي


پياسا ئي ماريئي ، پروڪن پٽن تي
ڍَڪي رک او موکي! منڍيون ڏئي مٽن تي

چپن تا چمين جا ، ولر جي اٿيا ٿي
اها سونهن تنهنجي هُئي ڳاڱن ڳٽن تي

پسيل هن پرهه کي، متان ماڪـ سمجهو
ڪريا ڪنهن جا ڳوڙها، ها وِهه جي وٽن تي

ڪلالن جي ڪِررِ ، ڪيا گهاءَ ڪيڏا
ڇُٽائيندي لڳيون ، ڄمارون ڄٽن تي

وري مئڪدي جا ڪڙا، ڇو ڪونه کڙڪيا
وڌي ڪنهن آ بندش، نه هوڪا هٽن تي

ڇَڏيوَ پيار ڌوئي ، صفا ايئن پريٽم
هُئا ڄڻ ته لينگها اوهان جي لٽن تي

سُتل سور جاڳيا ،الئي ڇو نماڻا
وري ڦيريا شايد، ڪنهن هٿ ڦٽن تي


****
نماڻو سنڌي


سڄي رات تارن کان ڇا ٿو پڇين؟


سڄي رات تارن کان ڇا ٿو پڇين؟
پٿر جي پنارن کان ڇا ٿو پڇين؟

جا سُهڻي هُئي سا لُڙهي سِير ۾
ڪچي جو ڪنڀارن کان ڇا ٿو پڇين؟

نه جي گُلَ ڳچيءَ جي ڪا زينت بڻيا
جهلي هٿ ۾ هارن کان ڇا ٿو پڇين؟

هتي مُلهه گُلابن جو ڇا ڇا ٿيو
تون زخمي بهارن کان ڇا ٿو پڇين؟

بدل ٿي آ موسم ته بدلجي پيو آ
اڃا چنڊ ـ چارن کان ڇا ٿو پڇين؟

اجهي سڙهه اُڀا ٿيا، اُٿي ناکئا
سنڌوءَ جي ڪنارن کان ڇاٿو پڇين؟

سڄي رات سپنا پرينءَ جا اُڻن
اکين جي اڏارن کان ڇا ٿو پڇين؟

***
نماڻو سنڌي


غزل


ڪندا ڪا ويڄ واهر، نه ته بدن لاچار ٿي پيا هن
پراڻا ڦٽ ڇُٽا ناهن ته ٻِيا آزار ٿي پيا هن

وڻن کي وِسوِسا آهن، ويا سڀ چهچٽا ڪاڏي
ٻُرائن شل پکي ٻوليون، ويڳاڻا ڏار ٿي پيا آهن

مُئا ڦُٽ پاٿ تي ڦٿڪي، مٿان پئي وِلهه واڪا ڪيا
تنهنجي هوندي ڌڻي! تنهنجا نڌڻڪا ٻآر ٿي پيا

تو کي حاصل ڪرڻ خاطر،ڪيونسين تپسيائون سڀ
اندر هاڻي اسان جا هي پُراڻا غار ٿي پيا

نه وڃ مايوس ٿي مڱڻا! ڏياچن جي ته ڏيري مان
سُرَنِ تي سِرَ ڏيڻ خاطر سوين ڏاتار ٿي پيا آهن

اوهان جا نيڻ آگم ٿي، اُٺا اهڙا ڇو ڇا چئجي
ڪٿي ڪارا ڪڪر ٿي پيا، ڪٿي واسڪار ٿي پيا
*****
نماڻو سنڌي

نماڻو سنڌيءَ جا ٽيڙو

ٽيڙو_1
.هي ديس رڳو دونهون
هي ڀونءَ اڻانگي آ
!تون ڪيئن ٿيندي سونهون

ٽيڙو_2
.سامي ويئڙا سانگ
وڪڙ هڻي وڻن ۾
.ويٺا آهن نانگ

ٽيڙو_3
جنت نه ٻي آهي
!ان اک سان اي واعظ
تو سنڌ ڏٺي ناهي


*****
نماڻو سنڌي


سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ - نماڻو سنڌي



سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ

روڳ جي جٽاو باک جي ڦٽي پوي
آباد سنڌ ٿئي جڏهن ۽ رات هي کٽي پوي
تنھنجي پير ناچ ۾ ڇير ئي ڇني ڇڏن
ساز ماٺ ٿي متان چڳون ورائي چاڙهجانءِ
......سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته

سوچ تي گوليون وٺيون هن هر رات گذري راڙ ۾
جلاد هن ستا وڃي اوچ جي ست ماڙ ۾
بيرڪون جلي ويون بارود جي بوڇاڙ ۾
جذبن جو قيدي آهيان ٿو مارجان ڪنھن آڙ م
پر هيئن ته منھنجي موت تي تون اڄ نه ڳوڙها ڳاڙجانءِ
......سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته

آواز ٿا گھٽيا وڃن ۽ ڀونءِ سڄي آ چوءکنڀي
ڏاڍ جي هٿن ۾ آ ڏات جي ڳچي ڏنڀي
ضرب آ سنگين جي ۽ تون ٿي اکيون ڇڀين
مان ته قيد ۾ پکي ۽ تون به قيد ۾ سڙين
چپ سبين متان چري گيت ۾ گھرائجان
.....سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته

آڪاش ۾ بتيون ٻريون تار نچي سمھي پيا
ڏٺئي ته اڀ سڄي مٿان وري وري وڄون ڪريون
ڏسي اتر ڏکڻ منجھان ارمان جا ڪڪر ٽٽن
رات جي ٿڌڙي هجي ۽ سوڳ ۾ خوشيون هجن
هانو تي تري اچانءِ ته چنڊ ۾چتائجانءِ
.....سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته

ياد جيئن ٿي اچي گھاءُ تيئن ٿو ڪُرين
ڏينھن ٻه ٽي ڏکيا هن تون به پير آءُ ڀري
ڌر تتي جيان دليون ذرو ذرو پيون ٻري
سنڌ ديوي جي رسم شروع ۾ ٿي رت گھري
ڪفن منھنجو وٽيون ڪري ڏيئا لھوءَ مان ٻارجانءِ
.....سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته

پڙاڏا پيار ٿي ڦٽي ڀٽن جي ڀر مھاڙ ۾
چنڊ جڏهن چڙهي اچي سج لٿي ڪراڙ ۾
بندش نه ڪا هجي جڏهن وائي جي اڏام تي
تنھنجا ڪٺل اچي وڃن سونھن جي سلام تي
مان به تن جي اوٽ مان نماڻو ٿو نھارجانءِ
....سرخ ڪوئي سڏ ٿئي ته

سرخ ڪوئي سڏ ٿيئي ته هنياو سان هنڊائجانءِ
خواب چچريل منھنجا تعبير تائين پڄائجانءِ
*****
(نماڻو سنڌي)