سنڌي شاعري تي خوش آمديد


اقبال رند


وائي) اقبال رند)

وائي
-----
ڍنگـر ٿـيا ڍولا
اولا اکڙين جا ڪري

لڪون ساري لوڪ جون
جهليائون جهـولا
اولا اکڙين جا ڪري

رُئن ڌوئن رات جا
رتولـيا چولا
اولا اکڙين جا ڪري

متان مون تان لاهـيو
اکين سندا اولا
اولا اکڙين جا ڪري


***
اقبال رند


ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟


ڪيئن هُٻڪار کان هٽي ماڻهو؟
ڪيترو روح کي ڦٽي ماڻهو؟

منهن مٽي جو وَيو زمانا ٿيا
ڪاش! هن موڙ تان مٽي ماڻهو

ڪيئن چئجي ته پيار هارائي
پوءِ ڀي کوڙ ٿو کٽي ماڻهو

ڪو ته آڪاش جئن به هوندو آ
پر ته هرڪو نٿو پٽي ماڻهو

روز ٿو انت پاڻ تي آڻي
روز ٿو پاڻ کي لٽي ماڻهو


****
اقبال رند



کيس چئجو هتان گذر نه ڪري


کيس چئجو هتان گذر نه ڪري
شهر جو شهر دربدر نه ڪري

کيس چئجو نئي جواني آ
شام جي پهر تي قهر نه ڪري

کيس چئجوته عارآ جوڀن جو
تيستائين ڀلا ڪڪر نه ڪري

کيس چئجو ته ايترو نکري
جو صنم نيڻ مختصر نه ڪري

کيس چئجو اکيون ٿڪي پونديون
منظرن جو ڊگهو سفر نه ڪري



***
اقبال رند