سنڌي شاعري تي خوش آمديد


ميئڪش سومرو

مئ نوشي - ميئڪش سومرو

جڳ واقعي وشال آ سائين
زندگي خال،خال آ سائين
آ تباهي مڃان ٿو مئ نوشي
درد آڏو ت ڍال آ سائين
عاشقيء جو حسين سرمايو
بيوفائي بحال آ سائين
هر ڪويتا آ جام جهڙي؛
هر ڪوي ڄڻ ڪلال آ سائين
ڪجھ به ماضي نه آ نه مستقبل
پل به پل پيش حال آ سائين

***
ميئڪش سومرو


روح پنهنجو خوشيء جو گهر نه هيو
روح پنهنجو خوشيء جو گهر نه هيو
اک ۾ ڳوڙهو ڪڏهن مگر نه هيو
چار گهڙيون رکي ڇڏيئي اڇلي
دوستي هئي ٽشو پيپر نه هيو
دل اسان جي ۽ بي رخي تنهنجي
ڪربلا جي مٿان ڪڪر نه هيو
دوستن جو خلوص هو اي دل
توکي وشواس ڇو مگر نه هيو
ها مڃان ٿو پهاڙ هو ميڪش
پيار جي راھ جو پٿر نه هيو


***
ميئڪش سومرو



زبان بند رکو

زبان بند رکو
چپ سبي ڇڏيو پنهنجا
۽ سوچ لوچ کي
تالي ۾ بند رکي ڇڏيو
ڀلي هو اونڌي ڪري يا سنئين
هُن جي ، سلطنت آهي
موج ۾ گهاري
اوهين ٻه لڙڪ نه لاڙيو
نه ئي ڪريو پِٽڪو
اکيون پٿر جون رکو
۽ رکو نه بينائي
سڄاڻ ويس کي لاهيو
ضمير جي تَن تان
اگهاڙي روح کي
مردار جسم کي هاڻي
ڪفن نه روشنيءَ جي هٿان پارايو
سدائين هاڻ انڌيرن کي
بس ڪيو سجدا
جيئڻ جي آس ۾ بيشڪ
مئل رهو سارا

***
ميئڪش سومرو


اي حوا

اي حوا ؛ تنهنجي اڳيان سِرُ صحيفن جو به خَم
تون مقدس کان مقدس تون اُتم سڀ کان اتم
تون اگر آن وجد ۾ ، عقبا به ڪا عقبا نه آ

تون اگر آن ماٺِ ۾ ، دنيا به ڪا دنيا نه آ
تنهنجي نفرت نَرڳ جيئن ، ۽ پيار سُوَرڳ جي مثال
تنهنجي هڪڙي مرڪ ارپي ڪهڪشائن کي زوال
پوءِ به هن سنسار ۾ ، حيثيت تنهنجي اڃان

آھي ڪنهن شوپيس جيئن يا اشتهار وانگيان
تو چين پاتو ڪين آ ، تون هر صديءَ جي چيخ آن
۽ تون ازل کان درد جي ، تفصيل سان تاريخ آن

تنهنجي مٽي عام ڪا مٽي نه آ ، سنسار ۾
تنهنجي هستي اي حوا ؛ آ ٻيو خدا سنسار ۾

****
مئڪش سومرو


نظم - ميئڪش سومرو
ٻن
پاسن پھاڙيون
وچ مان شيشي جھڙي اجري
صاف شفاف ندي
ڪپ تي اڌ اگھاڙي ناري
ڪنھن شاعر جو خواب
ھن جي بت ۾ ڇڪ ازل جي
ھن جي ڇاتي ٻٽ جبل جي
وار انھئ جا
سنھڙا سنھڙا سون رنگي ريشم جا ڌاڳا
چاندئ جھڙو جسم
نيڻ نرالا ھرڻئ جھڙا 
ھرڻئ جھڙي چال
چپ ائين جئن ڪو ٽارِيءَ تي جھومي سرخ گلاب
مرڪي پئي ت لڳي 
پيو ڪيئي پوپٽ اڏريا ھن
جگنوگذريا ...ھن
ھوءَ ھوا سان رقص ڪري پئي
پنھنجي ات اڃاري دل جو
انگ انگ عڪس ڪري پئي

****
ميئڪش سومرو


اهو مقتل


اهو مقتل

اهو ئي ساڳيو مقتل

اهو ئي رنگ رتو مقتل

اهو ئي نئو بنو مقتل

اها خوشبو

اها ئي رنگ رتي خوشبو

اها ئي نئو بني خوشبو

اهو ئي ڳاٽُ ، ارڏو ڳاٽُ

اوچو ڳاٽُ ساڳيو ۽

اهو ئي نور نوراني

اهو رستو، اهو ئي پنڌ

اهو ئي شان شاهي ۽

اها ئي وک وجداني

اُها مٽي

اها ئي رنگ رتي مٽي

اها ئي نئو بني مٽي

اها ئي مهڪندڙ مٽي

اها ئي ڌڙڪندڙ مٽي

اها ئي ڪوڙ جي مُنهن ۾

جُڳن کان ڪڙڪندڙ مٽي

****
مئڪش سومرو


توبھ نشي پتي کان - ميئڪش سومرو

توبھ نشي پتي کان
محروم هر مزي کان

هر مئڪدو مقدس
الهامي فلسفي کان

ڏيکار ماڻهپي ۾
ماڻهو پري پري کان

هر بادشاه ظالم
مظلوم زاويي کان

جيون گهڙو گهڙيءَ ۾
سانده سِمي تري کان

دنيا الڳ اسان جي
زر مال جي خفي کان
****
 ميئڪش سومرو


پکي احساس جو ٻولي رهيو آ

پکي احساس جو ٻولي رهيو آ
ڪويءَجي دل کي ڌانڌولي رهيو آ

پٺيان هوٽل جي ٻالڪ نان ٽڪرا
سڪل ڳيتون ڏئي ڳولي رهيو آ

سمورو ديس ويڪائو ۽ هر ڪو
نئون نيلام گهر کولي رهيو آ

گروءَ جي من ۾ ٻارهوئي ٻيائي
سو چيلن جو رتون رولي رهيو آ

پڇي ڪو ناکئي کان يار مئڪش
ته ڪُن ۾ ڪير ڀانڀولي رهيو

ميئڪش سومرو


شهر ۾ نوڪريءَ جي پٺيان آهيان - ميئڪش سومرو

شهر ۾ نوڪريءَ جي پٺيان آهيان
ڄڻ ڪنواريءَ چُمِيءَ پٺيان آهيان

تنهنجي دل جا جهٽي وٺي جهٽ ۾
اهڙيءَ جادوگريءَ پٺيان آهيان

من جون تاريڪيون مِٽائڻ لئه
اڻ ڏٺل روشنيءَ پٺيان آهيان

جنهن ۾ ساهه به ڏيان مُرڪِي
چَين جي ان گهڙيءَ پٺيان آهيان

مان ته جيون لاء پيو جهڙيان
ڪنهن چيو خُودِ ڪَشيءَ پٺيان آهيان
****
ميئڪش سومرو