سنڌي شاعري تي خوش آمديد


حسام ميمڻ

مٽيءَ جي ناءُ

ميرڙي ويس ۾ آهيون
اوهان جي ديس ۾ آهيون
گهٽيون ۽ دڳ ٿا ماپيون
گڊيءَ تي روز ڳولهيان ٿو
گهميو سونارڪو پاڙو
ٿيو پر ڪونه ڪو چاڙهو
ٽرمينل به جهاڳيو سي
سلامي روز مٺيءَ کي
مگر مٺڙي الائي ڇو
مٽائي منهن وئي آهي
لڪائي پاڻ وئي آهي
گجندڙ بادلن کان پڇ
ڀلي وسڪارکان تون پڇ
ڀلي سورج به شاهد ٿئي
ڀلي رستن کا تون پڇ ڙي
اسان جي جان کان مٺڙي
ڀٽن کان پڇ
گھٽين کان پڇ
ڀلي جنهن کان وڻئي تون پڇ
رڳو توکي ئي ڳولهيان ٿو
پر ڪو گس ئي ناهي
منهنجي وس ئي ناهي
الائي ڪٿ رَسين ٿي تون
الائي ڪٿ وسين ٿي تون
اسان جي جان کان مٺڙي
اسان جي جان ۽ جندڙي


***
حسام ميمڻ