سنڌي شاعري تي خوش آمديد


آٿم ناٿن شاهي

1

....ڪو چينُ سزا وانگر



ڪو چينُ سزا وانگر

ڪو دردُ دوا وانگر



مان تنهنجي بقا وانگر

تون منهنجي فنا وانگر



ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ

بي جرم سزا وانگر

مطلب جي محبت آ
بي فيض دعا وانگر

چاهت کان سوا رشتو
بي رنگ حنا وانگر

تنهائيءَ ۾ سارُوڻي
ڪاڙهي ۾ هوا وانگر

هر سوچ منافق جي
جُوتي ۾ بلا وانگر

ڪافر ٿو ٿيان شايد
ڪو شخص خدا وانگر

برسيو هان سرابن تي
سانوڻ جي گهٽا وانگر

گلشن ۾ ’وفا‘ آهي
صحرا ۾ صدا وانگر


-----------

                                              آٿم ناٿن شاهي



2

...ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا

ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا
ڀرمَ ٿيا اڄ ڀورا تـُـنهنجا

تـُـنهنجي پيار ڪرڻ جا ساکي
هي سڀ هورا- کورا تـُـنهنجا

اکين مان ٿا چغلي کائن
لالُ - گلابي ڏورا تـُـنهنجا

اکِ اَٽڪائي: ويندي- ويلي
پيرَ لڳن ٿا ڳورا تـُـنهنجا

رِيتـِـن منجهه رَڙيون ٿيون ٻڌجن
،وا! زوراوَر زورا تـُـنهنجا

اوءِ!“ اکـَـر سان سـَـڏُ ڪيو تو
ٿي ويا ڏاڍا ٿورا تنهنجا

اڄ کان آثم لکندو رهندو
گيتَ، غزل ۽ مورا تـُـنهنجا


-------------
آٿم ناٿن شاهي

3

ڪڏهن تـُـنهنجي واتان جي ’ها‘ ٿي پوي

ڪڏهن تـُـنهنجي واتان جي ’ها‘ ٿي پوي
ته مون لئه الائي ته ڇا ٿي پوي؟

غزل مان لکان: تون ڪڍين پيو چـُـڪون
اِئين هڪ دفعو شل اَلا! ٿي پوي

تون مـُـرڪي، پو پنهنجو ارادو ڏَسين
ته منهنجي به مرضي اُها ٿي پوي

مـِـلي پاڻَ: پنهنجي شـَـڪن تي ٽـَـليون
ته، هر ڳالهه جيڪر صفا ٿي پوي

ٿـَـڌا ساهـَـه ئي، پـَـر، جي گڏجي کڻون
ته ڌرتي تتل هيءَ ڳڙا ٿي پوي

جي ماڻهو سڀئي هڪ- ڪرا ٿي پون
ته، دنيا سڄي ’واهه- وا‘ ٿي پوي

ٽـِـجوڙين ڀرڻ جي نه مـِـرگهي هجي
ته مرضن گهڻن جي دوا ٿي پوي

ڏُکي ناهـِـه تقدير بدلي سگهڻ،
مگر، شرط آ، ’ٺا ۾ ٺا‘ ٿي پوي.

وڃي ڪنڌُ ڪـَـپجي وطن جي مٿان -
ته، هڪ قرض آثم! اَدا ٿي پوي!



------------
آٿم ناٿن شاهي


4

سـَـچُ نه ماريو زهرَ- وَٽي





سـَـچُ نه ماريو زهرَ- وَٽي

بازي ويو سقراط کٽي


گهورِي جانِ، وڃي ته وڃي
ماڻهو مقصد کان نه هـَـٽي

اڄ، ڪنهن جي دَرشن جي بک
سـِـڪَ جو پـَـئي ٿي هانءُ چـَـٽي

سامـُـنهن: نيڻ- نهارَ نه ڪا
ڪيئن اڄوڪي سانـَـجهـَـه ڪـَـٽي؟

داڻو- داڻو ڌار نه ڪر
ساٽي! دل جو سـَـنگُ سـَـٽي

ڏاهپَ ڏاڍا ڏَنڀَ ڏنا
ڏاتِ ڀريا ٿم ڏُک ڏَٽي(1) 

اهڙو ڪو چـَـنجورُ هجي
پـِـيڙائن جي پاڙَ پـَـٽي

آثم! سچ جو ساٿ ڏِجانءِ
.جيونُ جيڪي ڏِينهـَـن ٻه- ٽي


-----------------
(1) ڏٽي ڀرڻ = لتاڙي ڀرڻ (گهڻو ڀرڻ)
-----------------


(آٿم ناٿن شاهي)

5

ڪي ڪي يادون ڪـِـرڻا ڪـِـرڻا


ڪي ڪي يادون ڪـِـرڻا ڪـِـرڻا
ڪي ڪي اَکيون جـَـهرڻا جـَـهرڻا

ڪي ڪي آسون اَڻ جـَـهل، اَڻ- ٽر
ڪي ڪي وعدا ڦـِـرڻا- گـِـرڻا

هانوَ ٻـُـڏل ۽ ٽـِـڙڪيل شيشا
ٻيهر مشڪل تـَـرڻا، ڀـَـرڻا

هـُـن بن ڪهڙي هيءَ حياتي
ٻاڙا  ٻوڙا پـَـرڻا- اَرڻا

جيڪي عشق اُجاريا آثم
،سي انسانَ نه کـَـرڻا، مـَـرڻا


-----------

آٿم ناٿن شاهي

6

لکندي مرُ-- گيت اَمرُي

لـِـکندي مـَـرُ،
گيت- اَمرُ.

سـَـهـُـه نه پيو،
ڏاڍُ- ڏمر.

منزل ڏور،
سخت سـَـفرُ.

اُڃَ وَٺئي،
پيءُ پگهـُـر.

رات کـُـٽاءِ،
ڳولِ سـَـحرُ(1).

گـَـهـُـر نه ڊَهي،
ڏينـِـسِ پـَـڃرُ.

زلفَ نه ڀانءِ،
ڇانوَ- ڇپرُ(2).

پيارُ اَٿئي،
ٻارُ نـِـٺرُ(3) .

آثم، تون،
يارَ! نه کـَـرُ(4) !!


----------------
(1) سحر = صبح.
(2) ڇانوَ- ڇپرُ = سينگارِ بڻاءِ“
(3) ٻارُ نـِــٺرُ = ڏِنگو- ضدي.
(4) کـَـرُ = کري پوڻ مان (کـَـرُ).
-----------------

(آٿم ناٿن شاهي)


7

آويءَ آويءَ ٻرندو آهيان


آويءَ آويءَ ٻرندو آهيان
پـَـل پـَـل منجهه پـَـڄرندو آهيان

ڏهه َڏهه ڀيرا ڏينهن سـَـڄي ۾
جيئندو آهيان مـَـرندو آهيان

سوچـُـن جي ساگر ۾ اڪثر
ٽـُـٻندو، ٻـُـڏندو، تـَـرندو آهيان

ڪيڏيءَ مهل، الائي ڪاٿان
ڪنهن لئه واپس وَرندو آهيان؟

هرهڪ ڪاريءَ راتِ جي ڪـُـکِ مان
بڻجي باکَ اُڀرندو آهيان

ويڻ ٻـُـڌي وِهـُـه جهڙا ڪنهن جا
سرنديءَ آ هر ٽرندو آهيان

ڪڏهين پربت وانگر اَڻ- ٽـَـرُ
ڪڏهين ڳـُـڙَ جيان ڳـَـرندو آهيان

ڏاڍن کان ڏَرُ ناهي ٿيندو
ڏٻرن کان مان َڏرندو آهيان

(جنوري 1975ع) 

**********
آٿم ناٿن شاهي