سنڌي شاعري تي خوش آمديد

حليم باغي

1

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ

هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ

هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ.

ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.

قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ

اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ۔۔۔

-------
حليم باغي

2

اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا

اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا
گلن جي موسم ڪَليون نه آنديون، بهارن آندا پٽن جا لاشا
جڏهن به رنگت چڙهي گلن تي، گھلي ٿڌيري هوا ڏکڻ جي
ٻچن جا سڏڪا اٿيا منڊل ۾، ملي بشارت گھرن جلڻ جي
اڏائي جھوپا ويون ڪي آنڌيون، تنين جي ڪَک ڀي نه ڪَک سان
پٽين پنوهاريون پلاند واريو، ملين چهرا گهرن جي رک سان
انهن جي لڙڪن سندو ڪو ٿورو ڌيان عالي جناب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو

اهي ئي تنهنجيون پٽيءَ پسارون، لڳي ٿو ڄڻ ڪجھه ٿيوئي ناهي
ڪٽڪ ڪُٺا ٿئي نڌڻڪن جا، منهن ۾ گھنج پيو ئي ناهي
اوهان جي آڏو لهوءَ جي قيمت، ٻه ٽي پتل جا حسين ٻلا
ڪنهن جي اميدن ڀرئي چمن کي هٿن سان تيلي ڏيڻ ۾ ڇا آ
ڏسو نه ٿا جو ڪنين جي اک جا ڪنول تڪيندا تنين جون راهون
جنين کي چچريو ويو تنين کي سڏينديون ڪنهن جي چپن جون آهون
اهو ته ٿورو ويچار ظالم! ڪڏهن ڪليءَ مان گلاب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو

سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي، جھڪي نه سگھندي جھري سگھي ٿي
صداقتن جي سجن جي ٽانڊي اوهان جي اک ۾ هري سگھي ٿي
چٻن جي منهن ۾ ٿڌي چانڊوڪي، ڀري ٿي مرچون ڀلي ته ڀرجن
سهاين جو هتان ئي سرگس مٽيندو چنڊا ڀلي مڇرجن
اوهان به پنهنجون ٽلون ويڙهايو، ڏسون اوهان جا حويليون ٿاڻا
اوهان جا ڦٽڪا اوهان جا پٿرا، ٻيا ڪي آڻا ٻيا ڪي ماڻا
اسان جي موڪل اٿو ته ڪريو، سڀاڻي جيڪي اوهان کان سهجي
ائين ئي نه ٿئي جو سڀاڻي، تنهنجو اگھاڙو لاشو گلين ۾ رهجي
ڳجھن جي اڳيان ڪتن جي اڳيان خوار ڏاڍو خراب ٿيندو
ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو

***
حليم باغي

3

اسان جيئن به جيئي ڪو جھان ۾

اسان جيئن به جيئي ڪو جھان ۾
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾

ڪڏهن آنڌي الڙي، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
ڪٿي ڪکَ رهيو آ منهنجي آشيان ۾

پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾

نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
ڪٿي ڪاروان وقت نا مهربان ۾

ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگھه مورک
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾

وري جي ولوڙن منجھائي رکيو آ
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾

هو هالار جا پٽ هُوءَ مياڻي، هُوءِ ٽلٽيءَ
اسان جون نشانيون سڄي گلستان ۾

اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾

ستارا نه چوندا ته ڇا تون نه ايندين
اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾

ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجيءَ آجيان ۾

***
حليم باغي

4

رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي

رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي

اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان
اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي

گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو
ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر ڪا رهي وڃي

سوهن مٽيءَ جي مر به آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي
اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا ويڻ سهي وڃي

مبارڪون وڍيندڙؤ ڪُهڻ جي رُت اچي وئي
هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو کڄي وڃي

اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلئون ته هيئن هلون
جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي دهي وڃي

****
حليم باغي

5

ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي
ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي
ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي

هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا
ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي

نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ جھڻ آ
ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي

هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي
چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجھر جي ڪنارن کي

ڪنهن چڳَ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چَپَ تي مُشڪ مڙندي
ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن کي.

بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي
تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي

جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي رڳو هزارن کي

****
حليم باغي

6

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ ــ پوءِ منهنجي تو کان دوري آ
هي جيون جيون آهي ڇا ــ ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري آ

هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون
اُس کان ته اجھو ٿو گھرجي، هي سنسار ته تپندڙ کوري آ

هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ به سمجھون ٿا
تو ٺوري ٺاهي آڏ رکي مون ڪالهه جا ڍونڍي ٻوري آ

ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو
جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ

قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا
هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو جلاد جي لئه مجبوري آ

اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ

*****
حليم باغي

7

هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي

هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي
جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي

جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور گھڙيون قتلام ڪري
جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي

ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ
جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي

تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو
هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو ڦرڦل تي

ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان
ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي

جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي
جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي

جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي
ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي

***
حليم باغي

8

کيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ

کيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ

اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ
رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ

اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو
سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ سان گھٽبي نه ڪا لهر آ

لڦن جي لالي ڀري ترين ۾ ــ گسن جي مٽي ڌري اکين ۾
هلي هلي بس ٿڪجي پياسين ــ گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ

ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا
الله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ

ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟
گھڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ

اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو
اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ

اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين ــ اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ ــ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ

تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي
اڃان ته ڪوڙين ڪليون به ٽڙنديون ــ سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ
*****
حليم باغي

9

اڙي شهرِ جانان

اڙي شهرِ جانان، ڪي تو کي سنڀارون
ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون

هي جوڌن جي سينن جا فراخ رستا
هي يوڪلپٽس جون نه کٽندڙ قطارون
هي تنهنجي گلين ۾، اسان جا حوالا
هي تنهنجي پٽن تي اسان جون پچارون

هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي
هيون جل پريءَ ڪنهن جھڪايون نهارون
اڃان ڪجھه نه بدليو آهي اڙي دل
تصور ۾ اڀرن ٿيون ساڳيون پڪارون

هي وک وک تي منهنجيءَ پياريءِ جا پاڇا
۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون
اٿلندڙ اکين ۾ ڪنهن چاهت جي پوڄا
۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل ڪي سجدا سپارون

۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون
ڇڙيون ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي
او بلما! ڪنهيا! ڪي اٻلا جيون سارون

اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي
سپر هاءِ وي لڳ هو پيليون ديوارون
صبح پهريان ڪرڻا جھٽي سنڌالاجي
هوائن ۾ مهڪن گلابن جون ڏارون

اُتر واءُ آڻي ٿو گينڊي تي جوڀن
ڪري ماڪ ڏاڙهون پنن تي پسارون
چڪائي وجھن چاڪ ٿا سارا مارڳ
وري ڪنهن لنگهه تان سڏن هن جون سارون

نه مٽجي سگھيون سي ته دل جي پٽيءَ تان
ڪنهن شرميليءَ وينگس جون چُڪندڙ نهارون
نه ڀلجي سگهيس هن جي گونگي ڪلپنا
نه وسري سگھيس هن جيءَ اک جون الارون

تصور ۾ اڀري اچن ٿا سي ڏينهڙا
جڏهن هن جي چوٽيءَ مان ڦٽيون به ڌارون
نه اُڪليل محبت جا رنگين جذبا
نه سليل تنهن چاهت جون ڳجهيون ميارون

اڃان ڀي ته هردو اسان جو ڇِلن ٿيون
نه پوري ٿيل پيار جون سي پچارون
سو اڙي شهر دلدار، تنهنجي دڳن تي
ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي

۽ هوءَ اپسرائن جي ٽولي جي راڻي
ڏسي تو کي اداس ٿيندي ته هوندي

10

*************
حليم باغي