سنڌي شاعري تي خوش آمديد


امداد حسيني

1

هُو

جو به چاهي اُهو اُڳاڙي ٿو
هر سُڪي سائي کي لتاڙي ٿو

ڄڻ ته ڪو فيل مست آهي هُو
نه وطن دوست ۽ نه قوم پرست
صرف مطلب پرست آهي هُو
 *****

امداد حسيني

2

اهو صحيح ته هيءَ زندگي به پياري آ

اهو صحيح ته هيءَ زندگي به پياري آ
پکن جي پريت مگر ريت نيتِ نياري آ

حُسين ابنِ علي ڪونه آهِيان آئون
يزيد ساڻ مگر جنگ پوءِ به جاري آ

فرات نهر نه آهي اهو ته سِنڌُو آ
انهيءَ ۾ رَتُ نه پاڻي، انهيءَ ۾ واري آ

پڇيوءِ ڏينهن سندم ڪيئن گذرندو آهي؟
ڪڏهن اهو به ته پُڇ رات ڪنءَ گذاري آ

اُماس رات هئي، پرهه کي پَسڻ جي لاءِ
ڏِيي جيان ئي جلي رات مون گذاري آ

اسان جو ڏينهن تتل سِڄُ آهه تارونءَ تي
۽ رات اکين ۾ ستارن جي اشڪباري آ

نه رنگهاريو ڪنهن ۽ نه ڪنهن ڏيو ٻاريو
اسان جي لئه نه ڪا هولي نه ڪا ڏياري آ
 *****

امداد حسيني

3

اي سنڌ امان

اي سنڌ امان

زرد ڳل جي مٿان اي سنڌ امان
رَتُ ويٺو رُئان، اي سنڌ امان

هيءَ اخبار جا پئي آهي
ڇا پڙهي ڇا پڙهان، اي سنڌ امان

هيءُ جهيڙا جهٽا، ڦرون، ڌاڙا
الامان الامان! اي سنڌ امان

روز ڪونڌر ڪُسن ڪلاچيءَ ۾
آءٌُ ڪنءَ چپ رهان ، اي سنڌ امان

ساڳيا جيل هي وڏيرن جا
قائم آهن اڃان، اي سنڌ امان

۽ انهن منجهه واڙيل هاري
ڍور ڄڻ بي زبان، اي سنڌ امان

۽ لڄا لُٽَ هارياڻين جي
وارثن جي اڳيان، اي سنڌ امان

هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي
آءٌُ ڦٿڪان لڇان، اي سنڌ امان

رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اٿلي
ڏوهه ڪنهن کي ڏيان، اي سنڌ امان

هيءَ سموري زمين منهنجي هئي
۽ سڄو آسمان اي سنڌ امان

ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد
آءٌُ ڪا ڏي وڃان؟ اي سنڌ امان

تنهنجي هوندي به آءٌُ ائن ڀاسان
بي وطن، بي نشان اي سنڌ امان

تون ئي تون ٿي نظر اچين مون کي
آءٌُ جاڏي ڏسان، اي سنڌ امان

باک جيسين بَکي ۽ لاک لڳ
ديپ سان ٿو جلان، اي سنڌ امان

تيستائين ته پرهه- پنڇيءَ سان
لات پيو ٿو لنوان، اي سنڌ امان


***
امداد حسيني