سنڌي شاعري تي خوش آمديد


اندرا شبنم پونا والا

1

زخم دل کي ڪڙاهيو ٿا ڇا لاءِ؟ - اندرا شبنم پونا والا



زخم دل کي ڪڙاهيو ٿا ڇا لاءِ؟
لوڻ ٻرڪي ڪرايو ٿا ڇا لاءِ؟

پيار ڏيکاري منهن ڇڏيو ڦيري
پيار ڪوڙو جتايو ٿا ڇا لاءِ؟

نه ستايو ـ جھڪايو ٿا ڪنهن کي
ڪنهن کي ناحق ستايو ٿا ڇا لاءِ؟

چنهڊڙيو پائي مت منجھايو ٿا
هيءَ شرارت ڇپايو ٿا ڇا لاءِ؟

نه نمائش کپي، نه نالو ئي
پوءِ ڍنڍورو گھمايو ٿا ڇا لاءِ؟

سونهن ۽ پيار سان نه سٻنڌ ڪو
مون اڳيان مسڪرايو ٿا ڇا لاءِ؟

اندرا شبنم پونا والا


2


هڪ مرڪ - اندرا پونا والا


هڪ مرڪ ورهائڻ ۾
ڪهڙو حرج آهي ؟
تو مسڪرايو
سامهون واري جا چپ
لاچار ئي سهي
مرڪڻ لڳا
چانڊوڪي ڦهلجي وئي
هن جي چهري تي
هڪ ڏيئو
ٽمڪڻ لڳو
هن جي لبن تي 
تنهنجي هڪ اڪيلي مرڪ
انيڪ مسڪراهٽن کي
جنم ڏنو

***
اندرا پونا والا