چوريءَ چوريءَ ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ
چوريءَ چوريءَ ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ
هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ
اڏري آئي ديوي دل تي، جنهن جو ڪوئي ديس نه ويس
مورک ماڻهو ان سان پنهنجو انگ اڙائي ويٺو آ
پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي وئي، پٿر جهڙي کهري دل
غم جو ماريل شاعر اهڙو نغمو ڳائي ويٺو آ
ٽمڪي پئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي
طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي، جوت جلائي ويٺو آ
واهڻ جو هڪ سادو ماڻهو، جنهن جي دل ۾ مير نه هو
شهر جي سياڻن واپارين کان، پاڻ ڦرائي ويٺو آ
شوق مجهان جا مورت ٺاهيئين، ڪاريگر سان الجهي پيئي
پنهنجي هٿ سان پنهنجي گهر کي، باهه لڳائي ويٺو آ
واهڻ جي او چنچل، ڀوري، ڇوري ! پنهنجو پاڻ سنڀال
هر ڪو ڇورو تنهنجي واٽ تي، ڄار وڇائي ويٺو آ
بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي
ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ
****
عبدالحڪيم ارشد