سنڌي شاعري تي خوش آمديد


نثار ٻانڀڻ

رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي
ڦڪي چولي مٿان ڳاڙو رئو جيڪو
پهري پئي تون ٽلين هر هر
اُڃايل منهنجي نيڻن تي
ٽِلي پيو هوکِلي پيو هو
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

ڪڏهن اُڏري هوائن ۾
ڪڏهن ڀَاڪُرين ٻانهن ۾
ڪڏهن ڪُلهن تي بي قابو
سِرڪيل هو رهي پيو ٿو
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

ڪري سرگوشيون ويٺو
تنهنجي سيني لڳِي ويٺو
تنهنجي دل جي ڌڙڪن کي
ڳڻيندي هر هر ڪِري ويٺو
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي!

ٻَڌي وارن کي تو مِٺڙي
مٿي تي تو ڇڏيو ويڙهي
اهو ويري بڻيو منهنجو
پنهنجي وچ ۾ رهي هر پل
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي!

ڪڏهن چيلهه سان ٻڌجي پيو ٿو
ڪڏهن ڪافر پُٺيءَ تنهنجيءَ تي
ڪڏهن ڇڪبو ۽ سرڪندورهي ٿو پيو
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

پگهر بوندون اگهي ٿو هو
ڪڏهن چهرو ڍڪي ويٺو
ڪڏهن ڳل تنهنجا چمي ويٺو
ڪڏهن چپڙن ۾ اچي مُرڪي
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي

ڪڏهن ٿو هنج ۾ ويهي
ڪڏهن ٿو وارهو سهيڙي
ڪڏهن هٿڙن کي سهسائي
ويٺو مونکي هو تڙپائي
رئو تنهنجو وڏو ڪو بي حيا آهي


نثار ٻانڀڻ


ها تنهنجي نهار ڪافر هئي

ها تنهنجي نهار ڪافر هئي
پر منهنجي پُڪار واجب هئي
ها تنهنجي وفا به ظالم هئي
پر منهنجي جفا به معلم هئي
ڪجهه خواب وکيري تو هن ڇڏيا
ڪا ساڀيان پُڪاري مون آ سڏي


نثار ٻانڀڻ


لاڏائو اکيون

منهنجون لاڏائو اکيون
تو کي ڇو ڀلا هر وقت
ٿانيڪو ڏسڻ گهرن ٿيون؟!
منهنجون اکيون هجن ته مون وٽ ٿيون
پر تنهنجا خواب ڏسڻ لاءِ
تو وٽ اچي ديرو ڄمائينديون آهن
ائين ڇو هونديون آهن لاڏائو اکيون!؟


نثار ٻانڀڻ


منهنجي شفا

آئون تنهنجي ڀر ۾ ويٺس ڪجهه پل
ائين لڳو آئون اُتي ويٺو آهيان
جتي درد ئي دوا ٿي پوندا آهن،
جتي بيچيني ۾ ئي چين هوندو آهي..
تون منهنجي ڇانو آهين يا اُس
اهو مان ناهيان سمجهي سگهيو
پر تون مون لاءِ مستقل
سڪون جي زمين ضرور آهين
منهنجي شفا آهين تون..!


نثار ٻانڀڻ


تو سواءِ جنتون

چوندا آهن ته درد
مائرن جهڙا ٿيندا آهن
مون وٽ ته هزارين امڙيون آهين
جن جي پيرن هيٺان هزارين جنتون
پر اُهي سڀئي جنتون
تو سواءِ ڪيئن هونديون!؟
تو جو هميشه جي لاءِ ناتو ٽوڙيو آهي


نثار ٻانڀڻ


منزل ... نثار ٻانڀڻ

مونکي ائين لڳندو آهي ته
اسين پنهنجي ڄمار ۾
شاعري پوکيندا رهون ٿا
شاعريءَ جي اُن فصل جا داڻا ۽ صلا
ڪنهن کي نصيب ٿيندا اِن تي ڪڏهن ناهي ويچاريو
مونکي لڳندو آهي ته آئون
جيڪو چرڙيو آهيان
سو پنهنجي ئي پوکيل سٽن ۾
پرديسي بڻجي ويو آهي
*****
نثار ٻانڀڻ


!!...نثار ٻانڀڻ جي نظمن جي وستيءَ ۾

1
اي مالڪ ! منهنجا لفظ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهن لاءِ
هڪ سنيهو بڻجن
جنهن سنڌوءَ جو پاڻي پيتو آهي
تنهن جي لاءِ دڳ بڻجن
مان سنڌ سان محبت ڪريان ٿو
عشق ڪريان ٿو
۽ پنهنجن لفظن سان
سنڌ جي سينڌ سنوارڻ گهران ٿو
تون مونکي ڏات جا مڙئي ڏيئا عطا ڪر
2
مٽيءَ جي پنهنجي عظمت آهي
خلقڻهار ماڻهوءَ کي مٽي چپٽيءَ مان تخليق ڪيو آهي
۽ اول آخر انهي مٽيءَ ۾ وڃڻو آهي
ان ڪري مٽيءَ سان نڀاءُ
ڪمٽمينٽ ئي زندگي آهي
ان سان دوکو انسانيت سان
خلقڻهار سان دوکو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو
مٽي سان دوکو نه ڪريو
هت ته دوکن جا سيلاب ايندا رهن ٿا
3
لفظن کي ڪَورَي پَنَي تي لاهڻ
هوائن ۽ گهٽائن سان مخاطب ٿيڻ سمجهندو آهيان
ويساهه گهاتين جي تاريخ جا فصل
دل جي زمين تي اڃان به پوکيوپيا آهن
پوءِ به اڪٿريت مونکي باءِ پولر سڏي ٿي
جن جي لاءِ منهنجي روح جي زمين مان
ڪو به جواب نه ٿو ڦُٽي
آسمان مان ڏسندڙ اک کي
مان پوري نهار سان ڳوليان ٿو
ته ڪنهن مَهل وري سانجهه جون آهٽون لکڻ لاءِ
آڱرين ۾ اُڻ تڻ ٿئي ٿي
بس رڳو لفظن جي مَنڊلي ٿي مچي
..منهنجي اندر ۾
ڇو ته احساس ڳولهڻ کپن واري اصول تي
اڃان به قائم آهيان
آئون اندر جو سفر ڪرڻ
ڪڏهن ڇڏيندس وارو سوال
اڃان ڪَرُ کنيو بيٺو آهي؟
اهڙن انيڪ سوالن ۾ مان
اڪيلو ڇڏيو ويو آهيان وارو خوف به ڪاهي پيو آهي
لڳي پيو ته نئين سج اُڀارڻ خاطر
حياتيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ
مان آتو ئي رهندس
4
سنڌ، سونهن، عورت ۽ سمنڊ
شام، رات، چنڊ ۽ ڊگها پاڇا
منهنجي شاعريءَ جا معجزا آهن
“وجود وڃائڻ” جي رمز
منهنجي شاعريءَ ۾ نمايان ملي ٿي
اهو مان ڄاڻان ٿو
منهنجي شاعري مونکي سيکاري ٿي
ته جسم پراڻو لٿل لباس آهي
جنهن کي ڇڏي ڏجي
وساري ڇڏجي
!!....پر ڌڪارجي نه
پنهنجي اِن ڏات کي اصل معراج تي پهچائڻ لاءِ
مونکي “آذان ۽ نماز” جي وچ واري مختصر وقت جيتري زندگي گهرجي
ته جيئن منهنجي شاعريءَ
منهنجي ذات توڙي انا واري ٿانوَ کان مٿڀرو ٿي رهي
جنهن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کانپوءِ
هوائون رقص ڪن
جنهن به هڪ ڀيرو منهنجن نظمن کي ٻڌو ۽ پڙهيو هجي
اهو پهرئين عشق وانگر
ڪڏهن به منهنجي ڏات
جيڪا منهنجي ڇانو آهي کي وساري نه سگهي
5
عشق جو دريا
۽ روح جي راحت
هڪ ئي نڪتي تي ختم ٿين ٿا
6
عشق جي ڪتابن کي
حق ۽ سچ جا ڳولائو
پنهنجي سيرانديءَ کان رکن ٿا
اهو مونکي روميءَ سمجهائيو
7
عشق ۽ وجدان جي ڪيفيتن ۾
مون پارو ماڻهو
وجود جي سار به وساري ويهي ٿو
ڄڻ قونيه جي رقص درويشان ۾ شريڪ هجي
8
هو مونکي روز ايس ايم ايس ڪري
ياد ڏياريندو آهي ته سنڌي ماڻهو
Sadist ناهي
جيئن ٻيا آهن
۽ مان اکيون بند ڪري
سندس ڳالهه تي يقين ڪندو آهيان
ڇو ته سندس اها ڳالهه
آسماني صحيفي جي آيت جيان آهي
9
بادبانن جيان ساه منجهيو پيو آهي
۽ رات ڪنهن چور جيان پير کڻي ڊوڙي ٿي
مان هوائن تي پنهنجو آکيرو ڪيئن جوڙيان
هوءِ هر هر مونکي منهنجي نالي سان سڏي ٿي پئي
بس اها ئي هاڻ زندگيءَ جي مصري اٿم
10
خواهشن جي شام لڙيئي نه ٿي
تو بنا او پرين
سوچ چُري ئي نه ٿي
11
منهنجن خوابن جا ڪجهه خط
جيڪي چانڊوڪين جي لفافن ۾
مون ويڙهي ڪري موڪليا
تن کي پنهنجي اوسيئڙي جي سفر ۾ رکجانءِ
سرد راتين کي ڳارڻ جو ٻارڻ بڻجي ويندا تو لاءِ
12
زندگي آثار قديمه جو پهريون باب آهي
جنهن ۾ چنڊ گرهڻ پشم جهڙن پهرن جي پاند ۾
ٻڌل ڳالهين جي ڳنڍين کي کولڻ کان نابري واري ڇڏي ٿي
زندگيءَ جا سڀ ٿڪ لاهڻ لاءِ
خانم گوگوش جي خماريل وکن
ڪونيا جي ڪيف ۾ رومي جي رقص جون مدهوشيون
دل جي صدائن ۽ محبوب جي مداحن بنا
ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اندر جي جهر جهنگ ۾
جهونگارڻ زندگيءَ جو پئين لطف جيان لڳندو آهي
13
ڳولا جي خواهش سانڍي خبر نه آهي ته
مون سميت ڪيترا خوابن جا مسافر
روز راتين جو سفر ڪندي
جيون جا پاڇا ميڙيندا هوندا
چاهنا جي آلي قبر جو عڪس
ذهن جي ڪينواس تان لاهي
پنهنجي پرينءَ سان گهاريل حسين يادگيرين
جي بتيلي تي سفر ڪندا هوندا
اهو پرين جيڪو چيٽ جي چنڊ جيان
دل جي آڪاش تي پوري اوج ۽ عروج سان
پاڻ ظاهر ڪندو رهيو آهي
تنهن لاءِ پنهنجي ئي اندر جي آسڻ تي
مدهوش وکون کڻي
هورڙيان هوڙيان جهومندا هوندا
ڄڻ من ۾ ڪا ميخ کتل هجين
سڀ سچل بڻجي مستيءَ ۾ مدهوش ٿي ويا هجن
تن لمحن ۾ روح جون کليل تارون
اُنهن راتين لاءِ ڪنهن پرين جي پار جهڙيون هجن ٿيون
وارو ساهس ماڻي پيون گُذرن ٿيون
منهنجا سڄڻو
مون لاءِ هاڻ هر رات پوئين پهر ۾
تيز هوا گُهلائي مَنَ جي ڦرهيءَ تي
ڦڙ ڦڙ ڪندي سٽون سرجڻ جا آرس کڻي ٿي
مان ڇا ڪريان؟
14
اي دل! تنهنجي شاعري مون اکين سان آهي ڪئي
پر زندگي شطرنج وانگر ڪنهن وڇائي ڇڏي آهي
جنهن جي لهرن تي جذبن جا لاش
ڪنول جي گلن جيان ترندا ڏسان ٿو
هر گهڙي ويهي اڪيلو ۽ مان
جيڪو زندگيءَ سان هميشه
ڪنچي راند آهيان رهيو اڪيلي ئي مِٺي
پنهنجو هر سفر هڪ وار ٻيهر
آخري حد تائين شروع آهي ڪيو
ڪنهن نئين پيار وانگر
تون دل منهنجي آڱريون پڪڙي وٺي هل
تنهن سفر تي باک وانگر
۽ ٻار وانگر
15
اندر جي ويڙه ڏانهن ڌڪيو پيو وڃان
اهو سمجهان ٿو پوءِ به دل ناهي ٿڪي
ڄڻ تو آسري جي مُٺِ ۾ آهي جهلي
16
هڪ وڏو انساني الميو
اسان تي تاڪ ٻڌيو بيٺو آهي
پوءِ به انسان دوستيءَ تي ڀروسو نه اٿم
*****
نثار ٻانڀڻ



تون منهنجو نصيب ٿي پئه

تون منهنجو نصيب ٿي پئه
جيترو پري آهين مون کان
اوترو مون لاءِ قريب ٿي پئه
جيئن لکيل رزق آهي جانان
سڀ ڪنهن لاءِ تيئن ئي مون لاءِ
منهنجي ڪري وسيع ٿي پئه

نثارٻانڀڻ


تنهنجي اي ميل

ڪيتري عرصي کانپوءِ تو مون ڏانهن
هڪ ڊگهي اي ميل موڪلي آهي
جنهن جي اوسيئڙي ۾ مان ڪيئي مهينا پڄريو آهيان
تو روايت جيان وري به زندگي گهارڻ جا سڀ تفسير موڪليا آهن
تون مونکي هر ڀيري اهو فهم ڏيندي آهين ته
مان اهو مڃان ته عشق انساني وجود کي
ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جو سبب بڻجي ٿو
عشق انسان جي زندگيءَ جي تڪميل آهي
۽ پڻ انساني آرزوءَ کي تفسير ۽ معنيٰ ڏئي ٿو اهو عشق
مون ڪڏهن انڪار ڪيو آهي؟
اڻ سُڌريل انسان کان سُڌريل انسان تائين
عشق جو پنڌ ساڳين قدمن سان ناهي رهيو
مان اهو روح جي گهرائين تائين
مڃي چڪو آهيان ته تون ئي منهنجي عشق جو روح رهي آهين
۽ عشق ماڻهو جي وجود جو وجد آهي
۽ اهو وجد نيڻن کي اوجاڳا ارپي ٿو
اهو وجود جو وجد نه ختم ٿيندڙ اُڃ ٿي جاڳائي رکي ٿو
چيٽ جي چانڊوڪين ۾ ننڊون نهوڙڻ وارو اهو عشق
منهنجي رڳ رڳ ۾ رباب رکي ٿو
مان ته اهو اوسيئڙو ختم ڪرڻ گفهران ٿو ته تون
پنهنجي ڪنهن اي ميل ۾ اهو لکندين 
عشق جي راه ۾ سفر ڪرڻ عبادتن جو مٿاهون مقام آهي
جيڪو مان صرف ۽ صرف تو لاءِ ڪرڻ گهران ٿي
ڇا تون اهڙي ڪنهن اي ميل جو در کوليندينءَ مون لاءِ..؟

نثار ٻانڀڻ


 وکريل خيال

صدين کان درد جي انتها کي ڀوڳيان ٿو
سنڌ تنهنجي پراڻي گهاوَ کي ڀوڳيان ٿو
ڄمي برف ٿي ويل اوپري احساس جيان
هر لمحو لهندڙ چڙهندڙ ساه کي ڀوڳيان ٿو
سنڌ جي نيڻن کي پڙهيو آ مون عمر ساري
ٻاٽ اُوندهه جو سينو چيري ويساه ڀوڳيان ٿو
اُداسيءَ جو لڏو لٿل آهي منهنجي زمين تي
سنڌ سوڳواريءَ جي نذر ٿي اهو نياءُ ڀوڳيان ٿو


نثار ٻانڀڻ


 ڪچا ڦڪا بيت

 1
ٻه ٽي ڪڙيون مون گهريون پر مليون گنج
لهي آئين هنج پرين پڪل انب جيان
2
ڪيڏا ويچارا ڏٺم سرديءَ ساه سُڪايا
ڳريل ڪپڙا پُسائيا نينگر ڍير ميڙيندي
3
جهريو جهريو جيءُ هي منهنجو ائين آهي
بارش جيئن آهي سياري جي شروعات جي
4
لکڻو هيم نظم ڪو لکجي بيت ويا
تولاءِ گيت چيا پره سنجهي جي وچ ۾
5
منهنجا خواب سنڀالجانءِ مون کانپوءِ پرين
اوڏي مونکي ٿي وڻين يا مان پسان خواب پيو
6
ڪاڳر تي ڪجهه ناهي لکيو مون لفظ ڪڏهن
سهڻا خواب ڏسين جڏهن مون ڏانهن بي اُماڻجان
7
برسات وٺي آ وڏ ڦڙو تنهنجي پيار جيان
اندر مان ٿو اوريان پهرين ڦوهار جيان
8
تڪڙو تڪڙو مينهن آ ڄڻ ٿي دل هلي
تو ڀي مِلُ ڀلي مون سان اچي مينهن ۾
9
وقت ائين وسندو ۽ وڄندو آهي جيئن مينهن
توسان منهنجو نيهن رهندو ڏينهن قيام تائين
10
توکي ياد ڪيان ويٺو سيءُ سهان
*ڪافي پيءُ چوان تون جي اچين مند ۾
11
سيءُ سڪائي سَنَڌَ ٿو منهنجا او پرين
جيڪر تون گُهرين سردي سور ڇڏي ڏئي!
12
منهنجا خواب ڏسي ورتي منهنجن نيڻن ۾
منتر ڦيڻن ۾ تنهنجو ڇو ويساه وڌيو
13
ماڻا مينهن جا مونکي واه وڻن
پن جيئن ڇڻن سياري جي پڇاڙ جا
****
نثار ٻانڀڻ



اسان جي سوچ آڳر تي


اسانجي سوچ آڳر تي
اوهانجي ياد جي بارش
وراڪا ڏئي وسي ٿي پئي
۽ پنهنجي زندگي ائين ئي
اڪيلي ئي رِمي ٿي پئي
اسان جي هيءَ اڪيلائي
وڙهي ٿي پاڻ سان هر پل
گُهري ٿي تنهنجي نيڻ جا
سمورا ڇانو ڀريا رستا
۽ موسم پن ڇڻڻ جو به
هو جيڪي ريشمي ڳالهيون
ڪشادي خيال جي چادر
ڀِڪوڙي سال کن پهريان
ڪيوسين رات پهرن ۾
اگهاڙي چنڊ جي هيٺان
اُنهن بي ڪيف ڳالهين جي
رهي ٿي پياس شدت سان
اهو به ياد آ مونکي
هو پوئين سال جون راتيون
ڇهي تنهنجي چپڙن کي
چيو هُيم بي ڪيف ٿيندي ئي
پرين! هي چپ تنهنجا ائين
ڀٽائيءَ بيت ٿو سرجي
اکيون جيئن مڌ ڦڙا آهن
مُوکِي ڄڻ مَٽَ ٿي اوتي
هلين مهراڻ وانگر ٿي
هٺيلي تون وڏي آهين
سراپا سونهن ئي آهين
سڀئي انگور تون آهين
اُهو سڀ ياد آ اڄ به
اهي ڳالهيون کوٽن پيون
اندر منهنجي زمين کي ائين
جيئن کوٽي ٿو پاڻي پيو
درياهي ٻن جي ڪنارن کي
اُهي منظر وراڪن جيان
وري هر وار ايندا هِن
۽ ٽمي ٿي اک جيئن ڇَنَ ڪا
ڇڻي ٿي مينهن جي پويان
مڃي ويٺيون،اکيون منظر
وڇڙڻ ۽ ورهائجڻ جا
سمورين تشنگين جا رنگ
اُماڻيان سين وفائن سان
يقين دل کي اهو ناهي
مونکان تون دور ٿي وئين آن
نئين هن سال ۾ تون
اڪيلو ائين ڇڏي وئي آن
لڳي ٿو وقت جي اک ۾
سوئي ڪا ٽوپجي پئي آ
مَٽيون موسمون سموريون هن
پوئيل ڳالهين ۾ جيڪي هيون
پر جانان
اڃان سرخيون ڪلين تي هن
۽ پوپٽ پيار پنهنجي جا
رنگن جي راهدارين تي
اُڏن ٿا پهر سارا ئي
اڃان آڪاش تي گهرن
پروڪن ڪارن ڪڪرن جا
وڌل ڀاڪر ۽ پهرا هن
ڏسان ٿو درسني دل جي
اوتيل آلاڻ اکين ۾ آ
اڃان ڪي پهر پئي ڳڙندي
اُها آلاڻ بي چئي آ
۽ مَنُ ڪوساڻ ۾ ڀٽڪيل
وٿيون ڪي سال سوريندو
نئون هڪ سال جوڙيندو
گهريو پئي لمس اکڙين جو
مون توکان سونهن جي راڻي
ڇڏيو تو روح کي ٻوڙي
چئي هي نور تنهنجو آ
اڪيلي پور تنهنجو آ
سموري وارتا تنهن کي
اڪيلي ياد ۾ پالي
ڪري سرمون اکين ۾ هاڻ
گذاريان زندگي پيو ٿو
پرين تنهن زندگيءَ کي اڄ به
ضرورت ڪيڏي تنهنجي آ
سزا جيڪا به وڇڙڻ جي
ڪئي تو طئه مٺي مون لاءِ
رهيو قيدي به اُن جو هان
پر هڪ ڳالهه دل ۾ آ
چوڻ چاهيان ٿو توکي مان
پراڻيون ڪي وکون منهنجون
آڃان تون لاءِ آتيون هِن
۽ منهنجا نيڻ اويلا هي
اُڏايل ڪنهن پکيءَ وانگر
اڃان آڪاش ڀٽڪن ٿا
پرين وشواس ڀٽڪن ٿا
تون هڪ وار ئي ايندينءَ
پورو پيار کڻي ايندينءَ
منهنجو سنسار کڻي ايندينءَ
*****
نثار ٻانڀڻ

صدين کان درد جي انتها کي ڀوڳيان ٿو

صدين کان درد جي انتها کي ڀوڳيان ٿو
سنڌ تنهنجي پراڻي گهاوَ کي ڀوڳيان ٿو
ڄمي برف ٿي ويل اوپري احساس جيان
هر لمحو لهندڙ چڙهندڙ ساه کي ڀوڳيان ٿو
سنڌ جي نيڻن کي پڙهيو آ مون عمر ساري
ٻاٽ اُوندهه جو سينو چيري ويساه ڀوڳيان ٿو
اُداسيءَ جو لڏو لٿل آهي منهنجي زمين تي
سنڌ سوڳواريءَ جي نذر ٿي اهو نياءُ ڀوڳيان ٿو

نثار ٻانڀڻ


ڊگھو آ درد جو رستو

ڊگھو آ درد جو رستو
اسان جي خواب نيڻن لاءِ
چمين ۾ چين ڪاٿي آ
چپن تي بين ڪاهيل آ
چڀن ٿيون چاه جون ڳالهيون
اڌوري پيار جون ڳالهيون
چپن کي آٿتون گهرجن
چمين جي راهدارين جون


نثار ٻانڀڻ