ھرشخص اهو ثابت ڪرڻ ۾
،مصروف ھوندو آهي تہ
،آءُ تو کان بھتر آهيان، پرسچ اهو آھي تون
.تون مون کان بھتر آهين
.تون مون کان بھتر آهين
ساجن تنهنجي سڪ، ڪيا اندر آکيرا
راتيان ڏينهان روح ۾ ڪيا وهمن واهيرا
اچين هوندي حمل چئي، ڏينهان ڏهه ڀيرا
تان جان جگرجيرا ، تونکي دوست دعا ڪرن
حمل
رات اسر جي ويل هئي جو، دلڙي توکي ساريو هو
يادن دل ۾ مــچ مـچايا، اکــڙيـن پاڻي هــاريـــو هـو
صبح سويري جڏهن ٿڌڙي هوا جا، جهونڪا آيا هئا
وقت تڏهن سو ياد پيو، جو توسان گڏ گذاريو هو
(استاد بخاري)
انھي ۾ شڪ ڪونھي ڪو
ھُنن کي نڪ ڪونھي ڪو
سِڪي لڌي سنڌ مُنھنجي آ
پڻي جو تڪ ڪونھي ڪو
حافظ نظاماڻي
محبت جي تـڙپ انسان کي
مرڻ تائین تـڙپائیندي آھي
۽ محبت جو پکي صرف
اعتماد تائين زندہ ھوندو آھي
2 comments:
بهترين شاعري آهي دوستن محنت ڪري سٺي شاعري جي چونڊ ڪئي آهي جس لهڻ دوست: رياض ابڙو
تمام بھترين
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔